ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو دورانو وڌي 12 کان 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو، جنهن سبب سختگرميءَ ۾ شهري سخت پريشان ٿي ويا. لياري، لانڍي، ڪورنگي، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، سرجاني، ناظم آباد، ملير، قائدآباد، ايف بي ايريا، ماڊل ڪالوني، جهانگير روڊ، پي آءِ بي، مڇر ڪالوني، ريلوي ڪالوني، ماڙيپور ۽ هاڪس بي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ لڳاتار لوڊشيڊنگ جاري رهي. برسات کان اڳ سخت گرميءَ جي لهر دوران بجلي جي اڻ اعلانيل بندش سبب عام ماڻهو خاص طور عورتن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته شهر جو 70 سيڪڙو بجلي وارو نيٽ ورڪ لوڊشيڊنگ کان آجو آهي، جڏهن ته باقي 30 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي چوري ۽ بل ادا نه ڪرڻ سبب لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.