لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ڀارت خلاف ڪاميابي گڏيل محنت سان حاصل ٿي، ۽ ٽيم کي هدايتون نواز شريف ڏنيون هيون۔ لاهور ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ ۾ ٽيم ورڪ جو وڏو ڪردار هو، جنگ دوران نواز شريف جي هدايت ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مشاورت شامل هئي، اسان جي جوانن پنهنجي جانن جا نذرانا ڏئي پاڪستان کي محفوظ رکيو۔ اياز صادق چيو ته ڀارتي جارحيت جي خلاف سڄو پاڪستان پنهنجي فوجن سان گڏ بيهي ويو، قومي اسيمبلي ۾ به سڀني پارٽين اتحاد جو مظاهرو ڪيو۔اياز صادق وڌيڪ چيو ته اسان جي بهادر فوجن دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته ملڪ جو دفاع تمام مضبوط آهي، مان هٿياربند فوجن جي سربراهن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، ڇو ته جنگ صرف هٿيارن سان نه پر دليريءَ سان به وڙهجي ٿي۔