ايندڙ چونڊن تائين پي ٽي آءِ کي ڪجهه ”اسپيس“ ڏنو ويندو؟

اسلام آباد(اسد طور)ڇا عمران خان ٻاهر اچي رهيو آهي؟ شهباز شريف لاءِ  ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي؟ اڊيالا ۾ عمران خان سان ڪنهن ملاقات ڪئي؟ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن. صحافي زبير علي خان ۽ نجم سيٺي هن خبر جو ذڪر ڪيو، پر پهريون دفعو هڪ ٽوئيٽر صارف چوڌري سجاد حسين هن ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته 10 مئي تي هڪ اعليٰ سطح جو وفد عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ مليو. ان ملاقات دوران وفد پاڪستان-ڀارت جي تڪرار تي عمران خان جي حمايت گهري وئي، جنهن تي عمران خان چيوته” هي فوج به منهنجي آهي، ملڪ به منهنجو آهي، حمايت توهان کي ملندي“ان خبر کي بعد ۾ ٻيا صحافي به هٿي ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن کي انهيءَ جي ترديد جي به هدايت ملي آهي،ذريعن موجب اها ملاقات ٿي آهي، جيڪا شايد هڪ طاقتور اداري جي ذيلي شعبي جي سربراهه سان هئي. اهو شخص ظاهري طور وڏو مذهبي نظر ايندو آهي ۽ سندس پروموشن جا به امڪان آهن، ڇو ته هو پنهنجي باس جي ويجهو آهي.عمران خان لاءِ پاليسي ۾ ٿوري نرمي آئي آهي، پر اها صرف انهي حد تائين آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو سوشل ميڊيا سيل فوج يا ان جي قيادت تي حملا نه ڪري،ته پي ٽي آءِ کي سياسي جاءِ ڏني ويندي،ڪجهه اڳواڻن کي جلد آزاد ڪيو  ويندو،عمران خان کي آڇ ڪئي وئي آهي ته هو بني گالا منتقل ٿي وڃي،نه ته اڊيالا جيل ۾ ئي عمران خان لاءِ سهولتون وڌايون وينديون.موجوده نظام جي بقا لاءِ عمران خان جو جيل ۾ رهڻ ضروري سمجهيو پيو وڃي.ڪجهه سياسي "اسپيس”،ڪجهه اڳواڻن جي آزادي،پر عمران خان جي ذاتي آزادي ممڪن ناهي.اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هڪ شخصيت جي مدت ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان به نوٽيفڪيشن اچي سگهي ٿو، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته اپوزيشن به ان کي سپورٽ ڪري ته جيئن “جنگ” ۾ ڪردار ادا ڪندڙ فورسز جي سربراهن کي جاري رکڻ جو جواز ملي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 19 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.