ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ صوبي ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راڄ خلاف جمعو 23 مئي تي ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ڀر ۾احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪندي عوام کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي،پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ لوئر سنڌ جي ضلعي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 17 سالن کان مسلسل حڪومت ۾ ھجڻ جي باوجود پيپلز پارٽي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.هن چيو ته ھن وقت سموري سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي، خاص طور تي ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ شديد بدامني ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. مقامي بااثر ظالم وڏيرن، ڌاڙيلن ۽ پوليس جي ڪارين رڍن جي شيطاني ڳٺ جوڙ ڀنگ لاءِ اغوائن کي هڪ منافع بخش ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي.پاڻي تي ڌاڙو، زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين، سنڌ چؤطرف مافياز جي گهيري ۾ آهي. بدامني جي ڪري تعليم، ڪاروبار، معيشت ۽ ثقافت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي.هن چيو ته اڃا تائين درجنين ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، خاص طور تي هندو اقليتي برادري کي پريشان ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري هزارين هندو خاندان پنهنجا گهر ۽ ڪاروبار ڇڏي هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڪاشف سعيد شيخ چيو ته جماعت اسلامي ان سنگين مسئلي تي اڳ به آل پارٽيز ڪانفرنسون، ڌرڻا ڏنا آهن، پر عوامي احتجاج ۽ اعليٰ اختيارين کي بار بار ڌيان ڏيارڻ باوجود سندن مٿي تي جون به نٿي چري جيڪا بي حسي جي انتها آهي.امن مهيا ڪرڻ بدران، امن جي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ حڪمرانن جو شرمناڪ عمل ۽ بدترين فسطائيت آهي.ان موقعي تي صوبائي نائب امير محمد افضال، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نواب مجاهد بلوچ، الطاف احمد ملاح، سهيل شارق، زاهد حسين راڄپر پڻ موجود هئا.