پراڻو ورلڊ آرڊر تبديل، لبرل جمهوريت جو وجود خطري ۾ پئجي ويو

اسلام آباد (امتياز گل) پاڪ _ ڀارت ڇڪتاڻ دوران چيني ٽيڪنالاجي ۽ چين جي دفاعي سپورٽ چاھي سيٽلائيٽ ھجي يا ٽيڪنالاجي جي سي ٽين فائٽر جيٽ وغيرھ ان تي ھتي ھي چون ٿا تھ اسان کي پاڪستان تي فخر بھ آھي اسان ان جا مداح بھ ٿي ويا آھيون.پاڪستاني پائلٽن ڇا ڪمال ڪيوآھي.ڪجھھ چيني دوستن چيو تھ ماڻھن کي غلط فھمي ھئي تھ سي پيڪ سبب ٻنھي ملڪن ۾ ڪو رخنو اچي ويوآھي.پر ٻنھي ملڪن جي دوستي پھاڙ وانگر آھي. ناليواري معاشي ماهر  جاويد حسن جيڪو ھن وقت واشنگٽن ۾ موجود آھي ان  چيو آھي تھ نئي دھلي وانگر  واشنگٽن ۾ بھ اھا سوچ پيدا ٿي رھي آھي تھ ھتي بھ  لبرل ڊيموڪريسي اور رول بيسڊ آرڊر خطري ۾ لڳي رھيا آهن، اھا سوچ ڪافي ٿنڪ ٽينڪس ۾ موجود آھي. ھتي واشنگٽن ۾ چين خلاف  خوف بھ آھي تھ  اھا ھڪ نئين اڀرندڙ قوت جو روپ وٺي سگھي ٿي.ان سان ڪيئن مقابلو ڪجي؟ ھنن انڊيا کي وڏي اڀرندڙ قوت سمجھيو پر ان مان ھوا نڪري وئي آھي.پاڪستان سان ڇڪتاڻ ۾ انڊيا جي ايئر پاور ۾ شڪست ٿي چڪي آھي.ان ڳالھھ سان ھنن کي ڌچڪو لڳو آھي،هن چيو ته انڊيا ويسٽ ۽ آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر ٿيڻ پئي ويو. ھتي ٻيو اھو خيال ھيو تھ يا ڪوشش ھئي تھ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وٿي پيدا ٿئي.مون کي لڳي ٿو تھ ھاڻي باجوا ڊاڪٽرائن کي ردي ٽوڪري حوالي ڪرڻ گھرجي.ھتي ڀارت مان وڏي مايوسي  آھي.دفاعي رسالا ھجن نيو ز ميگزين ھجن يا ٻيا فورم پاڪستان جي دفاع بابت ڳالھيونآھن.ٻيو پاڪستان جي ميڊيا جنگ دوران ساکائتي ھئي پر انڊيا جي ميڊيا کي جنگي جنون ٿي ويو هو.ان جا مشھور ماڻھو ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالھائي رھيا ھيا ۽ انڊيا جي ساک انتھائي ڪري پئي آھي،هن چيو ته  انڊيا جمھوري روايتون وڃائي رھيوآھي،هن چيو ته اسان وٽ سنھرو موقعو آھي تھ ان تي ويچارجي.جنگ کانپوءِ  جو سڀ کان وڏو نعرو ھيو ٽريڊ لبرل ازم ھاڻي يورپ تھ ٽيرف لڳائي رھيوآھي  پر چين ان کي پٺتي ڪري رھيوآھي.آزاد واپار جو سڀ کان وڏو حامي ھاڻي چين آھي.تازو چين کي ٽرمپ دٻائڻ جي ڪوشش بھ ڪئي آهي.پر اھو کين سمجهھ ۾ آيو تھ ان سان ڪم نھ ھلندو جنھن جي ڪري ٽيرف گھٽ ڪيو ويو آھي.جنھن سان ترت ئي 300 سيڪڙو چيني آرڊرز وڌي ويا.ھاڻي پراڻو گلوبل ورلڊ آرڊرپوسٽ وار آرڊر اھو ھاڻي تبديل ٿي ويوآھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 19 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.