سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ معدني وسيلن لاءِ ايس يو پي پاران 25 مئي تي مظاهرن جو اعلان

ڄامشورو (ن ع آ)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاهه جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيم صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ گذريل پاڪ ھندستان جنگ ختم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ واضع ڪيو ويو ته جنگ ڪنھن به ملڪ جي مفاد ۾ ڪونھي ۽ جنگ ۾ سواءِ تباھي جي ڪنھن کي بہ ڪجھ به حاصل ڪونھي اجلاس ۾ درياھ بچايو تحريڪ سميت وڪيلن آبادگارن ۽ سڄي سنڌ جي قومي شعور کي ساراهيو ويو جن پرامن سياسي جدوجھد ذريعي ڪئنالن خلاف تحريڪ وقتي طور وفاقي حڪومت سي سي آئي ذريعي سنڌو درياھ انڊس بيس سسٽم تي نون ڪئنالن جو فيصلو رد ڪيو آھي پر ان جي باوجود پنجاب حڪومت طرفان جلال پور ڪئنال تي ڪم جاري آھي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ جي حصي جو پاڻي چورايو پيو وڃي جنھن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي ۽ ھن وقت تائين سنڌ ۾ خريف جي فصل جي پوک نه ٿي سگهي آھي اجلاس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن جي الاٽمينٽ ڪري لکين مقامي ماڻھن کي بي دخل ڪرڻ ۽ زمينون ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ جي مذمت ڪئي وئي، سنڌ حڪومت کي واضع ڪرڻ گھرجي ته ڪيتريون زمينون ڪھڙن علائقن ۾ رليز ڪيون ويون آھن،اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت پنھنجي اقتدار ۽ احتساب کان بچڻ لاءِ سنڌ جون زمينون ليز ڪري سنڌ جي لکين ماڻھن کي پنھنجي علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري آھي جيڪو عمل قابلِ مذمت آھي،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي زمينن معدني وسيلن ۽ سنڌ جي پاڻي تي وفاق جي قبضي کي روڪڻ ۽ ماورائي آئين صوبن جي حقن تي ناانصافين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 25 مئي تي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا  ۽ سنڌ جي پاڻي زمين ۽ معدني وسيلن تي وفاق جي قبضي خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي،اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ته 13 جون تي بدين. 14 جون تي ميرپورخاص ۽ 15 تي دادو ۾ ورڪرس اجلاس ڪوٺايا ويندا اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو،امير آزاد پنهور،سيد منير حيدر شاھ،منير نائچ، جڳديش آھوجا،رمضان ٻرڙو، اصغر قريشي،امير علي ٿيٻو،منور خاصخيلي،روشن مڱريو،ڊاڪٽر مظھر مغل،اسلم ڪوريجو، غلام مصطفيٰ چانڊيو رسول بخش لغاري، ليڊيز فرنٽ اڳواڻ حميران آريسر، ايڊوڪيٽ آصما شاھ، سياف اڳواڻ زبير حسن پنھور شريڪ ھئا.هوڏانهن  سيد زين شاھ،روشن علي ٻرڙو۽ امير آزاد پھنور سان سياف مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنھور نائب صدر ارسلان آريسر،درشھوار چنه، اقرا سنڌي، ڪوشال، سياف سنڌ يونيورسٽي صدر فرمان شاھ جنرل سيڪريٽري آفتاب سنڌي جي ايم سيد ايڊيفس تي ملاقات ڪئي،شاگرد اڳواڻن جي  جدوجھد کي ساراھيو ويو ۽ اجرڪون اوڍايون ويون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.