ڪراچي(رپورٽر/ع آ نيوز) وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ ڪيپٽو پاور ٽيريف بابت وڏي سطح جي ويهڪ ٿي، جنهن ۾ ڪيپٽو پاور پلانٽن جي ٽي ريف بابت تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 600 ڪيپٽو پاور پلانٽس موجود آهن، ۽ صنعتڪارن کي ٽي ريف وڌائڻ تي اعتراض آهي. وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان سنڌ حڪومت جي دعوت تي صنعتڪارن جون ڳالهيون ٻڌڻآيا آهيون.ترجمان موجب، اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ، وفاقي وزير خزانه، وفاقي وزير پئٽروليم ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. اجلاس دوران مراد علي شاهه چيو ته وفاقي وزير اسان جي صنعتڪارن جي خدشن کي ٻڌي پوءِ ڪو فيصلو ڪري. صنعتڪارن چيو ته پاور پلانٽس تي ليوي تحت اضافي چارج صنعتن تي لڳايو پيو وڃي، گئس ڪمپنيون اڳ ۾ ئي وڌيڪ اگهه وصول ڪن ٿيون. جيڪڏهن وفاق وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪندو ته صنعتون ان کي برداشت نه ڪري سگهنديون. انهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪيپٽو پاور پلانٽ بند ڪري وفاق کان بجلي ورتي وڃي ته اهو مشڪل ٿيندو، ڇو ته گرڊ اسٽيشن جي بجلي ۾ تسلسل نه هوندو. ناڻي وزير محمد اورنگزيب بريفنگ دوران چيو ته معيشيت ۾ واڌ ٿي رهي آهي، سڀني جي تعاون ۽ محنت سان. وزيراعظم پاليسين جي هدايت ڏني آهي ته جيئن صنعتي ترقي يقيني بڻائي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته، جيڪڏهن ڪيپٽو پاور پلانٽس کي ملندڙ گئس بند ٿئي ته اها ٻئي ڪنهن صوبي يا علائقي ڏانهن نه وٺي وڃڻ گهرجي، اها گئس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيڻ گهرجي. ترجمان مطابق، رانا ثناءُ الله چيو ته ويهڪ تمام سُفيد بخش ۽ تعميري رهي، ۽ وزيراعظم هر صورت ۾ صنعتي ترقي چاهي ٿو. انهن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ ۽ صنعتڪارن جون تجويزون وزيراعظم شهباز شريف تائين پهچايون وينديون. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪيپٽو پاور پلانٽن کان نيشنل گرڊ ڏانهن منتقلي جي وچ واري عرصي دوران ٽيڪس بابت هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.