سنڌ جي چوپائي مال ۽ فشريز کاتي بنا ڪم ڪرائي پوڻا اٺ ڪروڙ رپيا خرچي ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ جي چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي بنا ڪنهن ڪم جي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا تيل پاڻي جي نالي تي پوڻا اٺ ڪروڙ رپيا خرچي ڇڏيا آهن. پيٽرول جي نالي تي5 لکن کي ڏارو ڏنو آهي. روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي مالي سال 25/2024ع جي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. چوپائي مال جي چارن, نوان نسل متعارف ڪرائڻ جي تحقيقات سميت پولٽري جي صنعت ۽ ڊيري فارمز ۾ جدت آڻڻ خواب بڻيل آهي پر بيورو ڪريسي رڳو بجيٽ خرچ ڪرڻ جي پويان هٿ ڌوئي لڳل آهي , کاتي جي ڊي ڊي او ادر اڪائونٽ جنهن جو ڪو حساب ناهي هوندو ان جي هيڊ A05270 مان يڪا 5 ڪروڙ رپيا ڪڍيا ويا. پيٽرول واري هيڊ AO3807 مان 55 ڪروڙن جي رقم پيٽرول جي نالي تي ڪڍي رڳڙو ڏنو آهي.  A03805 مان ٽريولنگ الائونس جي نالي تي 4 لک 50 هزار ڳڙڪايا آهن. ڪاغذن جي خريداري تي ساڍن اٺن لکن جي رقم هڙپ ڪئي ويئي آهي, ڇپائي جي نالي تي 7 لک 75 هزارن کي خرچيو ويو.  ساڍن ٽن لکن جا بل اخبارون خريد ڪرڻ جي نالي تي ٺاهي رقم ڳڙڪائي ويئي آهي, ساڍن چئين لکن کي وري ورديون ٺهرائڻ جي نالي تي رڳڙو ڏنو ويو آهي ته ٻئي پاسي AO3919 مان 50 لک ڪڍي ادر سروس رينڊرڊ جي نالي تي جدا رڳڙو ڏنو ويو آهي, ادر اسٽور جي نالي تي 21 لکن جي رم کي سمهاريو ويو آهي ته مٿان وري الڳ سان هڪ ادر اڪائونٽ جي هيڊ مان 17 لک روپيا هڙپ ڪيا ويا آهن,هارڊ ويئر جي نالي تي 26 لکن جا بل مختلف ڪمپنين جي نالي تي ٺاهي رقمکي رڳڙو ڏنو ويو آهي , ٻي طرف وري مشينري جي خريداري جي نالي تي 8 لک 50 هزارن کي ڏارو ڏنو ويو آهي, فرنيچر جي خريداري تي 10 لک روپيا کپائڻ سان گڏ ٽرانسپورٽ جي نالي تي 26 لکن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,مختلف اوزارن جي خريداري تي A13101 مان 11 لک 70 هزار روپيا ڪڍي ڳڙڪايا ويا آهن ٻي پاسي الڳ سان فرنيچر جي خريداري تي پوڻا پنج لک خرچ ڏيکاري سرڪاري رقم جو ڪم لاٿو ويو آهي, هارڊ ويئر جي نالي تي 4 لک چٽ ڪرڻ سان گڏ رابطن جي نالي تي پوڻا چار لکن کي ٻرو ڏنو ويو آهي,جڏهن ته ٽيليفون ۽ پوسٽ جي نالي تي پڻ ساڍا ٽي لک روپيا اڏاريا ويا آهن,

مالوندن کي دوائون، ويڪسين ملڻ خواب بڻيل

ڪراچي:سنڌ ۾ چوپائي مال جي سرڪاري سطح تي وقتائتي ويڪسين ۽ مياري سرڪاري دوائون خواب بڻيل آهن, پرڳڻي ۾ مالوند ماڻهن چوپايو مال مختلف وقتن تي مرندو رهي ٿو پر اربين روپيا بجيٽ رکندڙ کاتو پاڻ ڪم جي رڳو رقم خرچ ڪرڻ ۾ پورو آهي جڏهن ته سر زمين تي ڪاري وارا ڪک آهن, سرڪاري ذريعن موجب موسمي تبديلي جي حوالي سان مالوندن کي مياري سرڪاري دوائون نه پيون ڏنيون وڃن ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ چوپائي مال جا ڊاڪٽر اڳواٽ ويڪسين ڪرڻ بجائي رڳو خانا پوري ڪرڻ ۾ پورا آهن جنهن ڪري مختلف ضلعن ۾ مسڪين ماروئڙن جو چوپايو مال وڇڙندڙ يا هلندڙ وائرس جي بيمارين ۾ مرندو رهي ٿو پر انهن کي ڪو معاوضو به ادا نٿو ڪيو وڃي

8 ڪروڙ مان 7 ڪروڙ 75 لک روپيا خرچ

ڪراچي:چوپائي مال ۽ فشريز واري کاتي جي رڳو سيڪريٽريٽ سائيڊ جي سالياني بجيٽ 59 ڪروڙ رکي ويئي آهي, دستاويزنموجب ساليان سيڪريٽريٽ سائيڊ جي رکيل بجيٽ مان 8 ڪروڙ 16 لک روپيا جاري ڪئي ويئي آهي جنهن مان 7 ڪروڙ 75 لک روپيا چٽ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته کاتي جو ڊي ڊي او وڌيڪ 50 ڪروڙ جاري ڪرائي رهيل 40 ڏينهن ۾ خرچ ڪرڻ لاء پورا زور لڳائي رهيو آهي ,سرڪاري ذريعن موجب 50 ڪروڙ جاري ڪرائڻ لاء کاتي جي ڊي ڊي او ناڻي کاتي جي اختيارين کي پنج سيڪڙو ڏيڻ جي حامي پڻ ڀري آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.