تازو آمريڪا جي صدر ٽرمپ عرب ملڪن جو دورو ڪيو جتي سندس والهانه استقبال اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هر ملڪ کي پنهنجا مفاد عزيز آهن،انهن مفادن جي آڏو انسانيت،رنگ،نسل،مذهب، قوميت يا پاڙي جي ڪابه اهميت ڪانه آهي۔ ان جو هڪ مثال غزا آهي جيڪو مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي اسپتالون،اسڪول،عبادت گهر،پناه گيرن جون ڪئمپون هر شي کي اسرائيل تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي۔ غزا جي پٽي کي انسانن جي وڏي ۾ وڏي قبرستان جو نالو ڏجي ته مبالغه آرائي نه ٿيندي۔جتي هر چاليهن منٽن کانپوءِ هڪ ٻار شهيد پيو ٿئي ۽ هزارين شديد زخمي ۽ خوراڪ جي قلت جا شڪار ٻارڙا موت جا منتظر آهن۔اهڙي ريت هزارين فلسطيني عورتن،ٻارڙن ۽ جوانن جي خون ۾ اسرائيل سان گڏ آمريڪا به برابر جو شريڪ آهي جنهن نه فقط بين الاقوامي فورم تي اسرائيل جي حمايت ڪئي پر هر قسم جو دفاعي سازوسامان ۽ مدد اسرائيل کي هروقت مهيا ڪندو رهيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي۔جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ خليج جي دوري تي هو ته ان وقت به غزا ۾ هڪ سئو ماڻهو اسرائيلي بربريت جو شڪار ٿيا۔ان هر ظلم وستم کي نظرانداز ڪري عرب سڳورن امريڪي معيشيت کي هڪ هزار ارب ڊالر کان وڌيڪ سرمايه ڪاري جي ٽيڪ ڏئي ڇڏي۔
آمريڪا جي صدر ٽرمپ سعودي عرب جي دوري دوران انويسٽمينٽ فورم ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته”جڏهن کان اسانجي شراڪت داري شروع ٿي اسان ڏٺو ته آمريڪا ۾ دولت ايندي وئي“۔صدر ٽرمپ جو خليجي ملڪن جو دورو درحقيقت هڪ مالي معاهدن جو دورو هو جنهن جو هدف هڪ هزار ارب ڊالر کان به وڌيڪ آهي۔صدرٽرمپ امريڪي معيشيت ۾ اضافي لاءِ غيرملڪي سرمايه ڪارن کي دعوت ڏيڻ لاءِ سعودي عرب،قطر۽عرب امارات جو دورو ڪيو ۽ عرب سڳورن پنهنجن عربن تي ٿيندڙ هر ظلم وستم کي پس پشت رکي کيس اها موٽ ڏني جو نه فقط اسرائيل تي ٿيل آمريڪا جي بي انتها خرچ جو گهڻو حصو ان سرمايه ڪاري مان ئي ادا ٿي ويندو پر آمريڪا جي معيشيت کي به چڱي ڀلي ٽيڪ ملي ويندي۔آمريڪا جي شهه تي اسرائيل جي غزا ۾ خونريزي يا سلامتي ڪائونسل ۾ جنگبندي جي قراردادن تي آمريڪا جو هر ڀيري ويٽو ڪرڻ عرب سڳورا انهن سڀني ڳالهين کان باخبر هوندي به صدر ٽرمپ جو سعودي عرب ۾ سونهري تلوارن ۽ سفيد گهوڙن سان شاندار استقبال ڪيو۔عرب ليگ ۽ او آئي سي ۾ ته هونئن به ڪو دم ڪونه هو پر آمريڪي صدر جي خليج جي دوري کانپوءِ اهي لفظ هاڻي فقط ڪاغذن تي لکيل ملندا۔هزارين ماڻهن جي قتلام کانپوءِ مقدس سرزمين جنهن کي ڪروڙين مسلمان چشمين چائين اتي صدر ٽرمپ جو سعودي عرب کان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو اهڙو ته حيرت انگيز آهي جو سڄي اسلامي دنيا جي جيڪڏهن حڪمرانن کي نه ته به ماڻهن کي ضرور ڏندين آڱريون اچي ويون هونديون۔آمريڪي صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هو چاهي ٿو ته سعودي به ابراهيم معاهدي ۾ شامل ٿئي ها۔ابراهيم اهو معاهدو آهي جيڪو 2020 ۾ ٽرمپ جي پهرين دور ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪجهه خليجي ملڪن بحرين،متحده عرب امارات،مراڪش ۽ سوڊان اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا جڏهن ته هن معاهدي ۾ اردن ۽ مصر پڻ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو جيڪي اڳي ئي اسرائيل سان امن معاهدي ۾ سلهاڙيل هئا۔بهرحال شهزادي محمد بن سلمان جي هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هن صدر ٽرمپ تي واضح ڪيو ته جيسين غزا ۾ مستقل جنگبندي نه ٿي ٿئي ۽ فلسطيني رياست جي قيام لاءِ رستو صاف نه ٿو ٿئي تيسين اسرائيل سان لاڳاپن بابت سوچي به نه ٿو سگهجي۔سعودي عرب آمريڪا سان 142ارب ڊالر جا دفاعي معاهدا ڪيا ۽ خبر نه ٿي پئي ته ايتري خطير رقم جا هٿيار کڻي عرب شهزادو محمدبن سلمان ڪهڙي طرف جهاد تي اسهندو!!جڏهن ته هن کان اڳ صدر ٽرمپ جي پهرين دور ۾ سعودي عرب آمريڪا کان 110 ارب ڊالر جا هٿيار خريد ڪيا هئا۔عرب شهزادي محمدبن سلمان600 ارب ڊالر آمريڪا ۾ سرمايه ڪاري جا معاهدا پڻ ڪيا ۽ وليعهد چيو ته هي معاهدا هڪ ٽريلين ڊالر تائين به پهچي سگهن ٿا۔آمريڪي صدر خليج ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي شهزادي جي يقين ڏيارڻ تي هڪ اهڙي شخص سان به هٿ ملايو جنهن کي نه فقط هو ماضي ۾ دهشتگرد قرار ڏئي چڪو هو پر ان جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي وئي هئي۔شامي صدر احمدالشرع (ماضي ۾ جيڪو ابو محمد جولاني جي نالي سان القاعده ۾ پڻ سرگرم رهيو) سان رياض ۾ محمدبن سلمان جي موجودگي ۾ 37منٽ ملاقات جاري رهي ۽ شام تان پابندين هٽائڻ جو اعلان ڪيو ويو ماضي ۾ آمريڪا،برطانيه توڙي اقوام متحده احمدالشرع ۽ سندس تنظيم هيئت تحريرالشام کي دهشتگرد قرار ڏئي چڪا آهن پر جڏهن خطي ۾ مسئلو امريڪي مفادن ۽ايران دشمنيء جو سامهون آيو ته نه فقط ان شخص تي خوب انعامن جي بارش ڪئي وئي پر صدر ٽرمپ شام جي عبوري صدر جي تعريف ڪندي کيس”طاقتور شخص“ قرار ڏنو۔25سالن ۾ هي ڪنهن شامي سربراه ۽ آمريڪي صدر جي پهرين ملاقات هئي۔قطر ۾ به صدر ٽرمپ جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس 40ڪروڙ ڊالر جو لگزري جهاز تحفي ۾ ڏنو ويو۔
دوحه پهچڻ تي اسرائيل کي تسلي ڏيندي صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وچ اوڀر جي ملڪن جي دوري جو مقصد اسرائيل کي سائيڊ لائين ڪرڻ نه آهي پر هي دورو اسرائيل جي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو۔قطر ۽ آمريڪا وچ ۾200 ارب ڊالر جا بوئنگ جهاز خريد ڪرڻ سان گڏوگڏ 42 ارب ڊالر جا دفاعي معاهدا پڻ ٿيا۔هن کان اڳ قطر سيپٽمبر 2020 ۾ آمريڪا ۾ 200ارب ڊالر جي سرمايه ڪاري ڪري چڪو آهي۔امريڪي صدر جو آخري دورو ابوظهبي جو هيو جتي سندس سندر نارين ٻنهيء طرفن کان قطار ٻڌي دراز زلف لهرائي صدر جو استقبال ڪيو هن کان اڳ ڪنهن به سربراه مملڪت جو اهڙو آڌرڀاء نه ڏٺو ويو هن موقعي تي عرب امارات جي صدر شيخ محمدبن زايد النهيان اعلان ڪيو ته هن جو ملڪ ايندڙ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ مصنوعي ذهانت،ٽئڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن ۾ 1.4کرب ڊالر جي سرمايه ڪاري ڪندو۔اهڙيريت آمريڪا سرڪار عرب ملڪن کي ايراني خطري کان ڊيڄاريندو،ڏکئي وقت ۾ سندن دفاع جي خاطري ڪرائيندو ۽ اسرائيل لاءِ رستا صاف ڪندو وڃي پنهنجي ملڪ پهتو۔
هاڻي صدرٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڇنڇر جي ڏينهن 12وڳي تائين اسرائيلي يرغمالي آزاد نه ٿا ڪيا وڃن ته هو اسرائيل کي چوندو ته جنگبندي معاهدو ختم ڪري۔جيڪڏهن اردن ۽ مصر غزا جي پناه گيرن کي قبول نه ڪندا ته آمريڪا انهن جي امداد بند ڪندو ۽ پناهگيرن کي غزا ڇڏڻ کانپوءِ واپسي جي اجازت بلڪل نه هوندي۔امريڪي صدر غزا کي مڪمل خالي ڪري غزا جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ڪرڻ چاهي ٿو۔جيڪڏهن مسلم ملڪن ۾ ايڪو ٻڌي ۽ هڪٻئي تي اعتماد قائم هجي ها ته کين اڄ هيئن آمريڪي صدر اڳيان جي حضوري ڪرڻي نه پئي ها پر افسوس آهي ته اڄ سڄي مسلم دنيا ۾ ڪوبه اڳواڻي ڪرڻ وارو ڪردار موجود نه آهي سڀ جي حضوري ڪرڻ وارا آهن تڏهن ته اسرائيل ۽ آمريڪا عالمي قانون جو ڌڄيون اڏائيندي غزا کي خالي ڪرڻ جو منصوبي سٽي رهيا آهن۔عربن کي آمريڪا دوستيء تي فخر ڪرڻ بدران مستقبل لاءِ سوچڻ گهرجي ت آهي ڪنهن جا محتاج ڪين آهن ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ڪنهن جو سٺو دوست ثابت نه ٿيو آهي۔