هندستانين پنهنجي طرفان سوچيو هيو ته اهي ٽرمپ انتظاميا سان پنهنجي اندروني لاڳاپن کي استعمال ڪري ويندا، ٽيرف ۽ جهازن جي زبردستي خريداري کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ شايد انهن جي ضرورت ناهي ۽ تيل جيڪي اهي آساني سان صاف نٿا ڪري سگهن.
بهرحال، دهشتگرد حملي مان پيدا ٿيل بحران به وينس جي سخت وڪرو کي آسان ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هيو. ٽرمپ جا سيڪريٽري صرف ٽرمپ کي خوش ڪرڻ جي پرواه ڪن ٿا، مسڪ لاءِ هندستان سندس محبوب جي جادوئي وطن ناهي، پر صرف هڪ موقعو آهي ته هو احسان حاصل ڪري ۽ ٽرمپ جي ڊيل هنٽرن جي ٽولي ۾ سڀ کان وڏو گهرجائو بڻجي. توڻي جو هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار بدقسمتي آهي، پر معمول جي عالمي راند ان جي پٺيان ضرور آهي. آمريڪا سان هندستان جي واپاري جنگ، بهرحال، هڪ ٻي صورت ۾ وڌندڙ هندستاني معيشت لاءِ صرف غيريقيني صورتحال ۽ ڊپريشن کي ظاهر ڪري ٿي.
ٽئين پارٽي جي ٽياڪڙي ذريعي 1947 کان وٺي تڪرار حل ڪيا ويا آهن، جڏهن بريصغير کي ورهاڱي ذريعي ورهايو ويو ۽ هندستان ۽ پاڪستان پنهنجي پهرين جنگ وڙهي. رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ملڪيت تي هڪ سال جي جنگ کانپوءِ گڏيل قومن جي ثالثي ۾ جنگ بندي ذريعي 1948 ۾ ئي ڪشمير کي هندستان ۽ پاڪستان جي انتظامن هيٺ مؤثر طريقي سان ورهايو. 1965 جي هندستان پاڪستان جنگ جنوري 1966 ۾ تاشقند جي اعلان سان ختم ٿي، اڳوڻي سوويت يونين جي ثالثي کانپوءِ معاهدي ۾ هندستاني وزيراعظم لال بهادر شاستري ۽ پاڪستاني صدر ايوب خان جنگ کان اڳ جي پوزيشن ڏانهن واپس وڃڻ ۽ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ تي متفق ٿيا. 1999 جي ڪارگل جنگ دوران پاڪستاني فوجون ايل او سي پار ڪري هندستاني پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو. ان وقت جي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن پاڪستاني وزيراعظم نوازشريف کي بين الاقوامي اڪيلائي جي خبرداري ڏيکاري پوئتي هٽڻ لاءِ قائل ڪيو. 2002 ۾ ان وقت جي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڪولن پاول دعويٰ ڪئي هئي ته هن ۽ سندس ٽيم ڊسمبر 2001 ۾ هندستاني پارليامينٽ تي حملي کانپوءِ ايل او سي تي هڪ سخت تعطل جي خاتمي ۾ ثالثي ڪئي هئي ۽ پاول چيو ته ڳالهين ذريعي هن کي پاڪستان جي صدر پرويزمشرف کان يقين ڏياريو هيو ته ايل او سي پار دراندازي جي سرگرمي بند ٿي ويندي ۽ هٿياربند گروپن کي پاڪستاني علائقي تي ختم ڪيو ويندو.
بين الاقوامي انساني قانون، جهڙوڪ جنيوا ڪنوينشن جنگ جي بدران بين الاقوامي هٿياربند تڪرار جي اصطلاح استعمال ڪري ٿو، ان کي رياستن جي وچ ۾ هٿياربند فوجن جي ڪنهن به استعمال جي طور تي وڌيڪ وسيع طور تي بيان ڪري ٿو، پر ڪا به ڌر ان کي جنگ نه سڏي. بين الاقوامي قانون ماهرن مطابق طاقت جي سڀني استعمالن کي هٿياربند تڪرارن جي طور تي درجه بندي ڪئي وئي آهي، ساڳي جاءِ تي جنگبندي جو معاهدو جنگ جي شروعات جو پڻ اشارو ڏئي سگهي ٿو. هندستان 23 اپريل تي پاڪستان سان تاريخي سنڌو طاس معاهدي معطل ڪيو، ان قدم کي پاڪستان هڪ دشمن وارو عمل قرار ڏنو. سياسي سائنسدان عام طور تي چون ٿا ته جنگ صرف تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ويڙه ڪافي شديد ٿي ويندي آهي. الباني يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي اسسٽنٽ پروفيسر ڪرسٽوفر ڪلري مطابق عام طور تي 1,000 جنگي موت ئي ڪا جنگ جي نشاني چئي سگهجن ٿا،
بهرحال، حڪومتن لاءِ جنگيون تڏهن ٿينديون آهن جڏهن اهي ائين ڪن يا ٿي سگهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هندستان ۽ پاڪستان پاران فوجي ڪاررواين ۾ تازو اضافو طاقت جي نشاندهي بابت هو ۽ اهي فوجي مقصدن بابت هئا ۽ اهو پڻ گهريلو ۽ بين الاقوامي تاثر کي منظم ڪرڻ جي وسيع ڪوشش جو حصو هو. برطانيه ۾ قائم فوجي تجزيه نگار شان بيل چئي ٿو ته هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي جي موجوده بيان بازي کي گهڻو ڪري هٿ وٺي وڌايو ويو. ٻنهي ملڪن واضع ڪوشش ڪئي ته هڪ مضبوط فوجي جواب ڏنا وڃن پر ٽياڪڙي ڪندڙن جي اها ڳالهه ڀلي آهي ته اهي ٻئي ملڪ هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي ٽيبل ويهن ۽ ملي جُلي مسئلن کي حل ڪن ته جيئن خطي ۾ امن جا کپي اڏري سگهن.