سڀئي دعوائون بي اثر، کنڊ جي اگهه ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)حڪومت جي سڀني دعوائن ۽ قدمن جي باوجود چيني جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. وفاقي ادارو شماريات پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي مختلف  شهرن ۾ کنڊ جي اوسط قيمت 3 رپيا 38 پيسا وڌي 175 رپيا 19 پيسا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، رپورٽ مطابق، کنڊ جي وڌ ۾ وڌ قيمت 185 رپيا في ڪلو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور، جيڪو اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت هيٺ انتظام هيٺ آهي، قيمتن جي معاملي ۾ سڄي ملڪ کي پوئتي ڇڏيو آهي،پشاور جا شهري ملڪ جي سڀني شهرن کان وڌيڪ مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن، ادارو شماريات مطابق، گذريل هفتي دوران صرف پشاور ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ڪلو تائين واڌ آئي آهي، جيڪا عام صارف لاءِ وڏي پريشاني بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.