تعليم  تي  اثر  انداز ٿيندڙ  تباھ حال اسڪولن  جون  عمارتون

تعلقي  جوهي جي شهري  علائقن کان  ويندي  ڪاڇي تائين اندازي  مطابق سوين تعداد  اسڪولن  جو عمارتون اهڙيون  آھن  جيڪي  بلڪل  زبون حال لڳيون  پيون  آهن جنهن ۾ ڪي  به  سهولتون  موجود  ناهن اهي  تباه ٿيل  عمارتون استادن ۽ معصوم شاگردن لاءِ ويھڻ جي  لائق  ئي  ناهن جنهن سبب هزارين ٻارن  جي  تعليم تمام پوئتي  پئجي  وئي  آھي  ليڪن انهن اسڪولن ۾ استاد  ته  مقرر آھن  پر  عمارتن  جي  زبون حالي  سبب نه استاد ڊيوٽي تي اچن  ٿا  نه  وري  ٻار سنڌ حڪومت  هزارين  استادن  جون ڀرتيون ته  ڪري پئي  پر  انهن تباھ ٿيل  عمارتن  جي  نئي سر مرمت ڪري  ويھڻ لائق  بڻائڻ نٿي  چاهي  جيڪي  تعليم  تي  اثر انداز  ٿي  رهيون آھن تعليم  کاتي انتظاميه  ۽ حاضري  ريڪارڊ چيڪ  ڪندڙ عملدارن پاران  به اهڙي  ڪا رپورٽ پيش نه  ڪئي  وئي  آھي  جنهن سان ڪاڇي  جي  ڪنهن تباھ  ٿيل  سرڪاري اسڪول عمارت جي  مرمت  ٿي  هجي گذريل  پنجن  سالن  کان مسلسل  پوندڙ برساتن دوران  ڪاڇي  جي  ڪنهن  به ڳوٺ ۾ ڪو  اهڙو  اسڪول  ناهي  جيڪو  محفوظ ۽ مضبوط بيٺل  نظر اچي

محمد  اسماعيل  لانگاھ   

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.