پهرين کان ڏهين درجي تائين 80 سيڪڙو ڪتاب ڇپجي نه سگهيا

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نااهلي سبب پهرين کان ڏهين درجي تائين ڪيترائي ڪتاب اڃا تائين ڇپجي نه سگهيا. اردو بازار ايسوسيئيشن جي صدر موجب رياضي، مطالعو پاڪستان، حياتيات، انگريزي، اسلامي تعليم سميت ٻين مضمونن جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهن. والدين ۽ شاگردن موجب نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ باوجود 80 سيڪڙو ڪتاب نه هجڻ ڪري تعليم جو عمل متاثر ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.