اسلام آباد(قربان بلوچ)حڪومت ۽ ھڪ اھم اتحادي پارٽي جي وچ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر ٽڪراءُ شروع ٿي ويو آھي، ايندڙ ڏينھن ۾ به حڪمران پارٽي لاءِ سخت مشڪلاتون نظر اچي رهيون آھن.ڇاڪاڻ تہ، هاڻ نه صرف اتحاديون حڪومت جي مخالفت ڪري رهيون آھن، پر اڳ ئي مخالف پارٽي پي ٽي آءِ به روز اول کان مخالفت ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته اھڙي نوبت ڇو آئي؟ اهو معاملو سکر-حيدرآباد موٽر وي بابت پيش ڪيل توجهه ڏياريندڙ نوٽيس سان لاڳاپيل آهي. ان نوٽيس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ايندڙ بجيٽ ۾ به هي منصوبو وفاقي ترقياتي پروگرام (PSDP) ۾ شامل ناھي. ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ به پ پ جي موقف جي حمايت ڪئي، جنهن سبب مسلم ليگ ن لاءِ صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي.وزير خزانه محمد اورنگزيب ۽ مملڪتي وزير چودري عربغان سبحاني طرفان پيش ڪيل وضاحت به مطمئن ڪندڙ نه هئي. جيڪڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ اختلاف وڌن ٿا ته شايد ايم ڪيو ايم به بجيٽ تي پ پ سان گڏ بيهي، جنهن سان مسلم ليگ ن لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.ان ڪري ضروري آهي ته حڪومتي پارٽيون عوام جي ترجيحن کي سمجهن، ۽ منصوبابندي به انهن جي بنياد تي ڪن.