ايئروائس مارشل اورنگزيب احمد گوگل تي سڀ کان وڌيڪ ڳولجندڙ شخصيت

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) جو ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد ڀارت سان وڌندڙ تڪرار کان پوءِ پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڳولا ڪيل ماڻهن مان هڪ بڻجي ويو.گوگل ٽرينڊز موجب، 12 مئي جي رات 2 وڳي "Aurangzeb” نالي جي ڳولا پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي وئي ۽ گذريل هفتي جو ٽاپ پوائنٽ حاصل ڪيو، ايئر وائس مارشل جو مخصوص انداز ئي انهن جي مقبوليت جو سبب بڻيو.اورنگزيب احمد ان وقت سوشل ميڊيا تي بحث جو مرڪز بڻيو جڏهن هن هڪ نيوز بريفنگ دوران دلچسپ انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته صارفين کي سندن مزاح سان ڀرپور انداز پڻ تمام گهڻو وڻيو.جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ڪلپ جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ اورنگزيب احمد چئي رهيو آهي ته جتان کان گذريل ڏينهن ڇڏي هُئي، اُتان کان ڳالهه شروع ڪندس، يعني پي اي ايف بمقابله آءِ اي ايف مقابلو ڇهه صفر سان اسان جي حق ۾ رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.