ماروي ھاسٽل مان شاگردياڻين جون شڪايتون ڳڻتي جوڳيون آهن

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ماروي ھاسٽل ۾ هراسمينٽ جا الزام رپورٽ ٿيڻ وارن واقعن جي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن  پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعود رسول بابر ميمڻ پاران مذمتي بيان ۾ چيو ويو آھي ته ماروي ھاسٽل مان شاگردياڻين جون شڪايتون انتهائي تشويشناڪ آهن ۽ فوري طور اداراتي ردعمل جي گهر ڪن ٿيون، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شاگردياڻين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، خاص ڪري انهن سان جيڪي بهادري سان اڳتي آيون آهن. سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي هڪ آزاد، شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، ڪميٽي ۾ عورتن جي حقن جي علمبردارن، قانوني ماهرن ۽ شاگردن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين لاڳاپيل آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽايو وڃي ته جيئن انصاف تي مبني ۽ رڪاوٽ کان آجي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.