لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڀارت جي ذلت ڀري شڪست اصل ۾ اسرائيل جي به شڪست آهي. تازي جنگي تڪرار ثابت ڪري ڇڏيو ته سڄي دنيا ۾ رڳو اسرائيل ئي ڀارت جو اصل ساٿي آهي. هڪ گريٽر اسرائيل جو خواب ڏسي رهيو آهي ته ٻيو گڏيل هندستان جو. اسلام آباد ۽ دهلي جي وچ ۾ ڳالهين بابت هن واضع ڪيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڪشميرين جي خود مختياري جي حق کان سواءِ ڪابه سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو به ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تان هڪ انچ به هٽي ٿو ته قوم ان کي مثال بڻائيندي. منصورا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته اڄ آزاد ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪندو. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي نمائشي قدمن بدران زراعت ۽ آبادگار دوست پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. هن مطالبو ڪيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. جماعت جي امير چيو ته نواز شريف کي تازي جنگ ۾ پنهنجي خاموشي جو حساب ڏيڻو پوندو.