اين ايف سي ۾ سالياني رقم وڌائي وڃي، 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪيو : بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول چيو آهي ته پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جنگ نٿا چاهيون پر پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. تازين تڪراري حالتن ۾ پاڪستان جي بيانيي کي وڏي ڪاميابي ملي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي سموري خطي لاءِ خطرناڪ هوندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته تازين پاڪستان-ڀارت تڪرارن ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي. ڪشمير جي مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻو پوندو. بلاول ڀٽو چيو ته "پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي پوري خطي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن لاءِ هي وڏو امتحان آهي. مون کي يقين آهي ته ڳالهين ۾ سنڌ طاس ٺاهه تي به ڳالهيون ٿينديون. پاڪستان ڀارت جا ڇهه جهاز ڪيرايا، پاڪستان رافيل جهاز ڪيرائي تاريخ رقم ڪئي. اسرائيل غزه ۾ لڳاتار بربريت ڪري رهيو آهي. سنڌو درياءُ مان واهه ڪڍڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته اسين ڪينالن جي معاملي تي مختلف فورمز تي آواز اٿاريو. ڪينالن بابت فيصلي کانپوءِ حڪومت سان گڏ هلڻ ڏکيو ٿي پيو.هن وڌيڪ چيو ته: اسين چاهيون ٿا ته 1991ع جي پاڻي ورهائڻ واري معاهدي تي عمل ٿئي. اين ايف سي ايوارڊ قانون موجب هئڻ گهرجي ۽ ان ۾ ساليانو واڌ به هجڻ کپي. اسان سياست ۾ ڳالهه ٻولهه جا حامي رهيا آهيون. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پي ٽي آءِ کي دعوت به ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته مهانگائي گهٽي آهي پر چاهيون ٿا ته غربت به گهٽ ٿئي ۽ دهشت گردي به ختم ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.