اسلام آباد(م ڊ) وزيرِاعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي شاهينن دشمن جي غرور کي خاڪ ۾ ملايو، دشمن کي چوان ٿو ته توهان جو جنگي جنون وارو بخار لهي ويو، هاڻ امن جي ڳالهه ڪريو، ان لاءِ اسين تيار آهيون، وزيراعظم ڪامره ايئربيس جو دورو ڪري ڀارتي جهازن کي تباهه ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شاهينن سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاعي وزير خواجا آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، وفاقي وزير احسن اقبال، عطاالله تارڙ سميت اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت پڻ موجود هئي، هن موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان پنهنجي طرفان ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي طرفان هن عظيم ۽ شاندار فتح تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم چيو ته، پاڪستان جي جوابي ڪارروائي دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري شاندار فتح اسان کي اڳي ڪڏهن به نصيب نه ٿي، توهان نه رڳو دنيا جي سوچ کي تبديل ڪيو پر پوري دنيا ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن به بدلائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي شاندار ڪارڪردگي تي هر پاڪستاني جو سر فخر سان بلند آهي، پر توهان دشمن کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن هن ٻيهر ڪڏهن به اسان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته توهان ان کي پنهنجن پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيندؤ، هن چيو ته شاهينن دشمن جا پنج نه پر ڇهه جهاز ڪيرايا ۽ ڊرون به تباهه ڪيا، دشمن اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڏو آهي ۽ هن تازو ئي سوين ڊالر خرچ ڪري جديد ترين هٿيار خريديا آهن ۽ دنيا کي ٻڌايو ته هو خطي جو ٿاڻيدار آهي، پر اسان جي شاهينن 10 مئي جي شام ان ٿاڻيدار جو بت چڪنا چور ڪري ڇڏيو، هاڻي ڪو به هميشه لاءِ اهڙي غرور ۽ گهمنڊ ۾ مبتلا نه ٿي سگهندو، وزيراعظم چيو ته اسان جي شاهينن رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهڙي تاريخ رقم ڪئي آهي جيڪا قيامت تائين دوست به پڙهندا ۽ دشمن به نه وساريندا، جنگ دوران دشمن جا ٽي رافيل جهاز ڪيرايا ويا ۽ هي معرڪو اسان جي شاهينن سر ڪيو، رافيل کي اسان جي شاهينن جن طريقي سان نشانو بڻايو، اهو مودي قيامت تائين ياد ڪندو ۽ سڄي دنيا به ان کي وساري نه سگهندي، هن وڌيڪ چيو ته وطن جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت لاءِ اسان جي هٿياربند فوجن پنهنجون حياتيون تري تي کڻي هي جنگ وڙهي، الله پاڪ اسان کي هيءَ عظيم ڪاميابي عطا فرمائي، هن جنگ ۾ اسان ۽ دشمن جي وچ ۾ فرق اهو هو ته اسان صبر ۽ برداشت جو دامن نه ڇڏيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ته دشمن جيڪا اسان جي امن جي آڇ کي غرور سان رد ڪيو، ان جو جواب سوچي سمجهي ۽ حڪمت سان ڏينداسين، دشمن اسان جي معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو پر اسان جي فوجن صرف دشمن جي عسڪري تنصيبات کي نشانو بڻايو ۽ ان جا هوش خطا ڪري ڇڏيا، وزيراعظم چيو تھ اسان امن چاهيون ٿا، پر دشمن ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي، مان دشمن کي چوان ٿو ته توهان جو جنگي جنون وارو بخار لهي ويو آهي، هاڻ امن جي ڳالهه ڪريو، ان لاءِ اسين تيار آهيون، هن امن لاءِ جيڪي ضروري شرطون آهن، اهي توهان کي چڱيءَ طرح معلوم آهن، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب پنهنجو پاڻ بابت فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ لازمي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۾ هلندڙ تحريڪ تيسين جاري رهندي، جيستائين ڪشميرين کي پنهنجو حق نه ملي وڃي، اچو ته ان لاءِ گڏ ويهي ڳالهيون ڪريون ته جيئن هي مسئلو، جيڪو ڪنهن به وقت جنگ جي باه ڀڙڪائي سگهي ٿو، حل ٿي سگهي.ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان رابطو ڪري آذربائيجان پاران پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام جي حمايت دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسان سچا ڀاءُ آهيون، هن وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيال ونڊيا ويا ۽ صدر الهام عليوف کي اسلام آباد جي دوري جي دعوت ٻيهر ڏني وئي آهي.