ڀارت جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته”فوري ۽ يقيني جواب“ ڏينداسين: پاڪ فوج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پاڪستان پاران ”فوري ۽ يقيني جواب“ ڏنو ويندو، برطانوي نشرياتي اداري اسڪائي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري خبردار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شديد تڪرار گڏيل تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڀارت طرفان جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو پاڪستان طرفان فوري ۽ سخت ردعمل ڏنو ويندو، هن معرڪو بنيان مرصوص ۽ ڪشمير  مسئلي تي واضع ۽ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي  ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن مطابق حل ڪرڻو پوندو، هن چيو ته جيڪو به پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري تي حملو ڪندو، ان تي اسان جو ردعمل بي رحم هوندو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ سنگين تڪرار پوري علائقي لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته هو پاڪستان خلاف جنگ جو محاذ کولي سگهي ٿو ته اها سوچ خطي ۾ خطرناڪ نتيجا آڻي سگهي ٿي، جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آمريڪا جهڙا ملڪ، جيڪي ايٽمي خطرن کان واقف آهن، ڀارت جي ارادن کي چڱي طرح سمجهي چڪا آهن، ڀارت، مسئلو ڪشمير کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏئي، ڪشميري عوام کي ڌمڪائڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.