کنڊر بڻيل سنڌ جي مڪاني کاتي غير ترقياتي بجيٽ جا سوا 7 ارب رپيا خرچي ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا ڏگر ڪڍي ڇڏيا آهن، بنا ڪم جي غير ترقياتي بجيٽ جا سوا 7 ارب رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته کاتي رڳو 14  ڪروڙ ۽ ڏهه لک پيٽرول جي نالي تي ڳڙڪائي ڇڏيا  آهن, روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي غير ترقياتي بجيٽ بنا خوف جي استعمال ڪندي 7 ارب 16 ڪروڙ 18 لک رپيا کپائي ڇڏيا آهن, ٽواڌرس واري انڌي هيڊ مان AO5270 مان 6 ارب 54 ڪروڙ,49  لک 86 هزار رپيا کپايا ويا آهن, ٽو ادرس اهڙو هيڊ آهي جهن جو ڪو حساب ڪتاب ناهي هوندو, ٻي ادرس هيڊ AO3370  مان 35 ڪروڙ رپيا اڏائي ڇڏيا آهن. مڪاني ادارن واري کاتي جي هڪ ئي ڊي ڊي او جي صحيح سان استعمال ٿيل بجيٽ جي رڳو پيٽرول واري هيڊ AO3807 مان 14 ڪروڙ 10 لک روپين جي ڳري رقم کي ٻُهارو ڏنو ويو آهي. سفري (ٽريولنگ) الائونس نالي تي 5 لک 18 هزارڪڍيا ويا.غريب سنڌ جي عوام جي پئسن مان رڳو سيڪريٽريٽ سائيڊ تي 30 لک روپين جي اسٽيشنري جي نالي تي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,ڇپائي جي نالي تي 44 لک 70 هزار روپيا هڙپيا ويا آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي, هڪ ٻي ادرس هيڊ AO3970 مان 2 ڪروڙ 33 لک روپين جي رقم ڳڙڪائي ويئي آهي, اهڙي ئي هڪ ٻي ادرس هيڊ A13370 مان 21 ڪروڙ 16 لک روپيا ڳڙڪايا ويا آهن, فرنيچر جي نالي تي 8 لک 82 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,مشينري جي خريداري جي نالي تي 14 لک 50 هزارن جي رقم چٽ ڪئي ويئي آهي,ٽرانسپورٽ جي نالي تي وري 26 لک 33 هزارن جي رقم کي ٻرو ڏنو ويو آهي. فائناشل اسسٽينس جي نالي تي 15 لک خرچ ڏيکاريا ويا آهن, 9 لک رپين جا بل ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي نالي ٺهرائي رقم ڪڍرائي ويئي آهي,سروس رينڊرڊ جي نالي تي 7 لک ٻهاريا ويا آهن,وردين جي نالي تي چئين لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,اڍائي لکن جون اخبارون خريد ڪيون آهن جڏهن ته 9 لک 50 هزار فون ۽ ٽپال جي نالي تي ٻهاريا ويا آهن.اهڙي بدعنواني تي نيب سميت سمورا ادارا خاموش بڻيل آهن.

  • سيڪشن آفيسر جو عهدو اهم بڻيل

ڪراچي:مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل جي پوسٽ سوني جهرڪي  بڻيل آهي, سرڪاري ذريعن موجب ايس او جنرل جي پوسٽنگ سڌي ريت کاتي جي وزير جي معرفت يا ان کان مٿي  حڪمران پارٽي جي اعليٰ قيادت کان ڪرائي وڃي ٿي, موجوده سيڪشن آفيسر جي سيٽنگ سيڪريٽري کان وٺي وزير ۽ پارٽي جي   قيادت تائين هجڻ ۽ حساب ڪتاب ۾ سڌو هجڻ سبب ڪير هن وقت تائين کيس هٽائي نه سگهيو آهي, هن وقت تائين کاتي جو بي تاج بادشاھ بڻيل آهي.

  • مڪاني کاتي غير ترقياتي بجيٽ ۾ ساليانو 15 ارب 25 ڪروڙ رپيا رکيا

ڪراچي:سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي غير ترقياتي بجيٽ ۾ ساليانو 15 ارب 25 ڪروڙ رپيا رکڻ جا دستاويز سامهون آيا  آهن, روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب مڪاني ادارن واري کاتي لاءِ غير ترقياتي بجيٽ 15 ارب کان وڌيڪ رکي ويئي آهي، جنهن مان هن وقت تائين 8 ارب 24 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا هن, جڏهن ته مالي سال جي پڄاڻي طرف هجڻ سبب سيڪشن آفيسر جنرل ۽ سيڪريٽري پوري ڪوشش ۾ آهن ته مئي جي آخر يا جون جي پهرين هفتي ۾ رهيل 7 ارب جاري ٿي وڃن ۽ مالي سال جي آخري ڏهي ۾ 7 ارب روپين جي رقم کي ٽاڪوڙو ڏجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.