ڪراچي (ارباب چانڊيو) خبر اھا آھي تھ طاقتور وزير جي سيڪريٽري کي ھٽايو ويو آھي ۽ گذريل ولاگ ۾ جنھن وزير جي ڳالھھ ڪئي ھئي اھو (س) آھي جنھن کي ھٽايو وڃي پيو.ڪجھھ ماڻھو کيس بلديات واري وزارت تي ڏسڻ نھ ٿا گھرن تھ ڪي وري مورڳو ڪابينا مان نيڪالي ڏيارڻ تي بضد ھيا پر ھن مھل تائين اھي ڪامياب ناھن ٿيا. پر وزارت وڃڻ واري آھي.ٻئي پاسي صوبائي وزير جي دفاع ۾ بھ ماڻھو ميدان تي آھن ۽ ڳالھين وسيلي نبيري جو امڪان آھي. ھڪ ٻن ٻين وزيرن جي وزارت بھ ويندي ۽ ڪابينا ۾ بھ نھ رھندا باقي صوبائي وزير جي وزارت ويندي پر ڪابينا ۾ رھندو. وزير واري تڪ تان ان کان اڳ ڪڏھن بھ پيپلزپارٽي کي سوڀ نصيب نھ ٿي ھئي ٻئي پاسي ان موقعي دوران اهم شخصيت جي ويجهو رهندڙ ” ڊاڪٽر “بھ صوبائي وزير جي خلاف ٿي بيھي رھيو ۽ ان جي خلاف مسلسل شڪايتون خاص شخصيت کي ڪندو رھيو صوبائي وزير خلاف ڪڏھن بھ ڪا مھم ھلي آھي تھ ڊاڪٽر ”ع “ان جي خلاف ان مھم جوحصو ٿي ويندوآھي. جيتوڻيڪ ڪراچي ڊويزن ۾ ان وزير جي اھميت چڱي خاصي آھي پر ميٽرپول وارو مسلسل سندس خلاف آھي.ڏسڻو پوندو تھ ان ڪن مان صوبائي وزير ڪيئن ٿو پار پوي.