ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستاني قوم متحد ٿي پنهنجي تاريخي فتح جو جشن ملهائي رهي آهي، پيپلز پارٽي پاران به تقريبن جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد ۾ هڪ ريلي نڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت دهشت گردي کي بنياد بڻائي پرامن پاڪستان تي جنگ مڙهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو، ڀارت هن وقت سڄي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج، خاص طور تي پاڪ فضائيه جي شاهينن، اهڙو ڪارنامو انجام ڏنو آهي جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. اڄ سڄي دنيا ۾ ڀارتي جهازن جي تباهي جو چرچو ٿي رهيو آهي. رافيل جهازن جي تباهي دهشتگرد ڀارت جي فضائي برتري تي بين الاقوامي سطح تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. عالمي تجزئي نگارن هن جنگ کي پاڪستان جي عسڪري ۽ سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو. دي نيشنل انٽرسٽ ان کي پاڪستان جي واضح فتح قرار ڏني. فنانشل ٽائيمز لکيو ته جنگ بندي پاڪستان کي سفارتي برتري ڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پهلگام واقعي تي پاڪستان عالمي سطح تي غير جانبداراڻي ۽ منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي، بغير ڪنهن ثبوت جي ڀارت انتهائي انتهاپسنداڻو قدم کنيو. نريندر مودي برصغير جي ڏيڍ ارب ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مودي کي گجرات جو ڪاسائي، ڪشمير جو ڪاسائي سڏيو، جيڪو سچ هو، پر هاڻ مان چوندس ته نريندر مودي "ڏکڻ ايشيا جو ڪاسائي” آهي. ڀارت شروع ۾ ئي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني شاهينن ڀارتي جهازن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو. بلاول ڀٽو پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، هن جنگ ۾ اسان ڀٽو خاندان جي ٽن شخصيتن ۽ پيپلز پارٽي جي ٽن نسلن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ۽ هاڻ بلاول ڀٽو زرداري جي عڪاسي ڏٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انٽرنيشنل ميڊيا پاڪستان جو موقف ٻڌڻ چاهيندي هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو ڀرپور انداز ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو.