اسلام آباد(م ڊ) نيو انڊين ايڪسپريس پنهنجي هڪ تفصيلي آرٽيڪل ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مودي سرڪار جي ”آپريشن سندور“ دوران نه رڳو ڀارت کي ڪنهن به ملڪ جي حمايت حاصل نه ٿي، پر ان جي سفارتي پاليسين جي ڪمزوريون به وائکي ٿي ويون، آرٽيڪل مطابق، جنگ جي معاملي ۾ روس ۽ گلوبل سائوٿ غيرجانبداري اختيار ڪئي، جڏهن ته يورپي يونين سان به ڀارت جي سفارتي تڪرار سامهون آئي، روس جي بي رُخي ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جي اندروني ڪمزورين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، انڊين ايڪسپريس لکي ٿو ته جڏهن آمريڪا ثالثيءَ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ڀارتي قيادت مايوسيءَ ۽ انڪار جي حالت ۾ هئي، صدر ٽرمپ ڀارت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ بند نه ڪئي وئي ته واپار معطل ڪيو ويندو،ان ڌمڪيءَ سبب ڀارت جي پرڏيهي پاليسيءَ تي ڪيترائي سوال اٿيا، آرٽيڪل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ ڀارت جي ڪارروائي کي جارحيت قرار ڏنو،نيو انڊين ايڪسپريس موجب ٽرمپ سان ملاقات کان پوءِ ڀارت غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ذلت آميز طريقي سان فوجي جهازن ذريعي واپس وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو.