ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج پاران تازو ئي”معرڪاءِ حق“جي نالي سان ڀارت خلاف ڪامياب ڪارروائين کان پوءِ ڀارتي شاعر، گيت ڪار ۽ ليکڪ جاويد اختر پاڪ-ڀارت وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جاويد اختر ان کان اڳ پاڪستان خلاف بيان ڏئي چڪو آهي، هن 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ پاڪستاني فنڪارن تي ڀارت ۾ پابندي جي حمايت ڪندي چيو هو ته ”فنڪارن جي وچ ۾ سهڪار رڳو هڪ طرفو آهي، پاڪستاني فنڪار ڀارت ايندا آهن، پر ڀارتي فنڪار ڪڏهن به پاڪستان ڪم ڪرڻ ناهن ويندا.“
هو دٻيل لفظن ۾ پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام به لڳائيندو رهيو آهي، پر هاڻي پاڪ فوج جي ڀارت خلاف ڪامياب فوجي ڪارروائين کانپوءِ جاويد اختر چُپ ٿي ويو آهي.
ويجهڙ ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران جڏهن صحافين جاويد اختر کان پاڪ-ڀارت تڪرار بابت سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن واضح لفظن ۾ چيو ته ”هو هينئر ان معاملي تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهي.“
هن چيو ته، ”مان اڳ ئي ان موضوع تي گهڻو ڪجهه چئي چڪو آهيان، هاڻي رڳو انهن سان ڳالهائيندس جيڪي وقت وٺي منهنجي انٽرويوءَ لاءِ ايندا.“
صحافين جي بار بار سوالن تي جاويد اختر ڪاوڙجي پيو ۽ کين ڇنڊ پٽيندي چيو ته، ”توهان چاهيو ٿا ته مان توهان سان بدتميزي ڪيان؟“
جاويد اختر جي ڪاوڙ کان پوءِ صحافي خاموش ٿي ويا ۽ هو تقريب مان نڪري ويو، سندس صحافين سان ڳالهه ٻولهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي.
You might also like