جڳ مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪرو سافٽ پنهنجي آپريشنز کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي لاءِ عالمي سطح تي پنهنجن 3 سيڪڙو ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ڪمپني جي ترجمان موجب، هي قدم مئنيجمينٽ ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ ڪمپني جي حيثيت کي مستحڪم رکڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.
رپورٽن موجب، برطرف ڪيل ملازمن جو واسطو مختلف شعبن سان آهي ۽ هي فيصلو ڪنهن هڪ مخصوص شعبي يا علائقي تائين محدود ناهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ”اسان ڪمپني جي اندر اهڙيون تبديليون آڻي رهيا آهيون جيڪي اسان کي مستقبل جي ضرورتن سان ٺهڪندڙ هجن.“
ياد رهي ته مائڪرو سافٽ جنوري 2023 ۾ به 10 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو، جڏهن ته ٻين وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنيون جهڙوڪ گوگل، ايمازون ۽ ميٽا به گذريل ٻن سالن دوران هزارين ملازمن کي برطرف ڪري چڪيون آهن.
ماهرن جي راءِ آهي ته عالمي معاشي سست رفتاري، مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) ٽيڪنالاجي ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ سيڙپڪاري ۽ ڪورونا وائرس دوران حد کان وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ جهڙا سبب هن فيصلي جو بنيادي ڪارڻ آهن.
ڪمپنين جو موقف آهي ته وبا دوران جيترا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، هاڻي انهن مان وڏي انگ کي برطرف ڪري توازن بحال ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ مائڪرو سافٽ تازو ئي پنهنجي ايڪس باڪس گيمنگ ڪنزولز جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته گهٽ قيمت وارا سرفيس ليپ ٽاپس ٺاهڻ بند ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ته جيئن منافعو وڌائي سگهجي.
اِهو قدم ٽيڪنالاجي جي ان عالمي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي ڪمپنيون بدلجندڙ معاشي ۽ ٽيڪنيڪي حالتن جي موجب پنهنجي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيون آهن.