سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي، هيٽ ويو جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن دوران مئي 2025 جي پهرين گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
15 مئي کان هوا جو وڌيڪ دٻاءُ ملڪ جي مختلف علائقن تي اثرانداز ٿيندو، جنهن سبب 15 کان 20 مئي دوران ملڪ جي ڏاکڻي علائقن (سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان) ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
15 کان 19 مئي دوران ملڪ جي مٿانهن علائقن (اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان، پنجاب جا مٿانهان ۽ وچولا علائقا) ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 16 مئي تي شام يا رات کان اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.
ڪشمير، اسلام آباد، پوٺوهار خطي سميت اتر اوڀر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ 19 يا 20 مئي کان آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.