سڪندر رضا پاڪستان سپر ليگ جي رهيل ميچن لاءِ پاڪستان ايندو يا نه؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز لاهور قلندرز سان واڳيل آل رائونڊر سڪندر رضا پي ايس ايل ۽ انگلينڊ ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارين خبرن تي ردعمل ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ سڪندر رضا چيو آهي ته ” مون کي مسلسل پي ايس ايل ۽ انگلينڊ ۾ شيڊيول ٽيسٽ ميچ بابت ٽيگ ڪيو پيو وڃي، تنهنڪري مون لاءِ ضروري هو ته صورتحال واضح ڪريان.“
هن چيو ته ”مون لاءِ قومي فرض هميشه پهرين ترجيح رهيو آهي ۽ جڏهن به مون کي سليڪٽ ڪيو ويندو، مان پنهنجي ذميواري پوري ايمانداري سان نڀائيندس.“
سڪندر رضا واضح ڪيو ته ”ٽيسٽ ميچ نه کيڏڻ ۽ پي ايس ايل جي رهيل ميچن لاءِ پاڪستان نه اچڻ بابت هلندڙ سڀ خبرون غلط ۽ بي بنياد آهن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.