ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي هاءِ ڪورٽ ڪرنل صوفيه قريشي خلاف ڏنل ”نازيبا بيان“ تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش هاءِ ڪورٽ اربع ڏينهن حڪم ڏنو ته ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي وزير ڪنور وِجي شاهه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
عدالت پوليس جي ڊائريڪٽر جنرل کي حڪم ڏنو ته اڄ شام تائين ان معاملي ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪم تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.
وزير جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته فيصلي جو بنياد رڳو اخباري خبرن تي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته هاڻ سرڪاري رڪارڊ ۾ وڊيو لنڪس به شامل ڪيون وينديون.
جڏهن ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کان وڌيڪ وقت گهريو ته جسٽس اَتل سريڌران معاملي جي حساسيت ٻڌائيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو مان سڀاڻي زندهه نه هجان.
ڪرنل صوفيا قريشي ڀارتي فوج جي انهن ٻن عورت آفيسرن مان هڪ آهي، جن آپريشن سندور دوران ميڊيا کي بريفنگ ڏني هئي. ٻي آفيسر ونگ ڪمانڊر ويومڪا سنگهه آهي.
واضح رهي ته اڱاري ڏينهن مڌيا پرديش جي وزير وجي شاهه اندور ۾ تقرير دوران ڪرنل صوفيه کي دهشتگردن کي ڀيڻ قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿيو.
You might also like