لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ليجنڊري ايڪشن هيرو ٽام ڪروز فلمي دنيا جي نئين شعبي ڏانهن رخ ڪرڻ جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ”مشن امپاسيبل“ سيريز جي نئين فلم” مشن امپاسيبل: دي فائنل ريڪونن“ جي رليز کان اڳ لنڊن ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽام ڪروز چيو ته هاڻي هو ميوزڪل فلمن ۾ به ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته تجسس، ايڪشن ۽ ٿرل کانپوءِ هاڻي سندس دلچسپي موسيقي ۾ وڌڻ لڳي آهي ۽ هو مستقبل ۾ ميوزيڪل فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
ٽام ڪروز جو چوڻ هو ته هو هر فلم جي سيٽ تي ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڀلي اها پاڻي جي هيٺان شوٽنگ هجي يا ڪو نئون فن سکڻ.
سندس چوڻ هو ته هڪ فنڪار کي هميشه ڪجهه نه ڪجهه سکڻ گهرجي، ڀلي اها موسيقي هجي يا ڪو وڄائڻ وارو ساز.
ان موقعي تي هن هدايتڪار ۽ اداڪار بين اسٽلر جي واکاڻ ڪندي ساڻس ٻيهر ڪم ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي.
ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪردارن بابت پاڻ کوجنا ڪري ٿو ۽ ان جي بنياد تي اسڪرپٽ ۾ ڦيرڦار ڪري ان کي جاندار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ياد رهي ته ٽام ڪروز جي مشهور فلم سيريز ”مشن امپاسيبل“ جي نئين فلم دي فائنل ريڪوننگ 21 مئي تي سڄي دنيا جي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.