” ماڻهو اداڪارا جي ڪمري ۾ جهاتيون پائي رهيا هئا“، اريج چوڌري ڇرڪائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا اريج چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته شوٽنگ دوران هڪ جونيئر اداڪارا سان پيش آيل غير مناسب واقعي کيس تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو.
هن هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو دوران انڪشاف ڪندي چيو ته جڏهن هوءَ لاھور ۾ پنهنجي پهرين ڊرامي جي شوٽنگ ۾ رڌل هئي، تڏهن هن محسوس ڪيو ته سيٽ تي ڪجهه مرد اسٽاف جا ميمبر هڪ مخصوص هنڌ تي غير معمولي انداز ۾ گڏ ٿي رهيا آهن.
جڏهن اريج اُتي پهتي ته معلوم ٿيو ته هڪ جونيئر اداڪارا ڪمري ۾ ڪپڙا مٽائي رهي هئي، جتي اهڙا شيشا لڳل هئا جن ذريعي ٻاهر کان اندر ڏسڻ ممڪن هو، پر اداڪارا کي ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي.
اريج چيو ته هڪ شخص اها صورتحال ڏسي ٻين مردن کي به اتي سڏي ورتو.
هن ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ ڇا ڪري؟ پر هن فوري طور تي مداخلت ڪندي سڀني کي اتان هٽائي ڇڏيو ۽ وڃڻ تي مجبور ڪيو.
اريج موجب، ان کانپوءِ جڏهن هن جونيئر اداڪارا کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ته هوءَ روئڻ لڳي، جنهن هن کيس آٿت ڏيندي مستقبل ۾ وڌيڪ هوشيار رهڻ جي صلاح ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.