ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڀڀڪين تي عالمي بينڪ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

عالمي بينڪ جي صدر چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ان معاهدي کي ڌرين جي مرضي سان ختم يا ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي پر هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي.
هڪ انٽرويو ۾ عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا چيو ته ورلڊ بينڪ ان معاهدي ۾ ٽياڪڙ ناهي پر رڳو سهولتڪار طور موجود آهي، اهو معاهدو ٻن ملڪن وچ ۾ آهي ۽ ان بابت فيصلو به ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته معاهدو ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديلي لاءِ ٻنهي ملڪن جو رضامند هجڻ ضروري آهي، معاهدي ۾ تبديلي يا خاتمي جي حوالي سان شرط معاهدي ۾ موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.