ميرپورخاص جي آبادگارن پاران پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچائڻ جو ذميوار ڊائريڪٽر قرار

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ايريا واٽر بورڊ جي چيئرمين سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادگارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اشفاق ميمڻ، مٺڙائو، جمڙائو ۽ ٿر ڊويزن جي ايڪسيئنن، لاڳاپيل ڪامورن ۽ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگھڙ ضلعي جي آبادگارن وڏي انگ شرڪت ڪئي،  اجلاس ۾ چئني ضلعن جي آبادگارن سسٽم ۾ 11 هزار 850 ڪيوسڪ پاڻي موجود هجڻ باوجود ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ ۽ ٽيل تائين پاڻي نه پهچائڻ تي ناڪام جو ذميوار ڊائريڪٽر کي قرار ڏيندي آبپاشي کاتي جي ڪارين رڍن جي ملي ڀڳت سان شاخن ۽ واهن جا موڳا ڀڳل هجڻ کلي عام پائپ لڳائي پاڻي چوري ٿيڻ ۽ پاڻي فار سيل جو ڪاروبار کلي عام جاري رهڻ جون دانهون ڪيون، هنن چيو ته نارا ڪئنال ۾ 11 هزار 850 پاڻي موجود آهي پر ان باوجود پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، عملو پئسن ۽ سفارشن عيوض ننڍن آبادگارن جو پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي، 21 ڏينهن جي وارا بندي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نارا ڪئنال تي اهڙيون به شاخون ۽ واھ موجود آهن جن تي ڪا به وارا بندي ناهي، پڇڙي جي واٽر ڪورسن ۾ واري اڏامي رهي آهي پر بااثر آبادگارن پابندين جي باوجود سارين جي پوک ڪيل آهي، اڄ تائين انهن خلاف ڪا سخت ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ چيئرمين ايريا واٽر بورڊ سيد ممتاز علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن کي پاڻي جو نظام 8 ڏينهن اندر بهتر بنائڻ، پاڻي جي چوري روڪڻ ۽ 15 ڏينهن جي وارا بندي گھٽائڻ ۽ پڇڙين تائين پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي، اجلاس بعد چيئرمين ايريا واٽربورڊ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جي وفد ضلعي ناطم ميرپورخاص مير انور ٽالپر سان ملاقات ڪري پاڻي جو نظام بهتر بنائڻ م مدد فراهم ڪرڻ جو چيو، ان حوالي سان رابطي تي چيئرمين ايريا واٽر بورڊ چيو ته هن وقت 600 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ آهي، هاڻ پاڻي جي گيج ۾ ڪجھه بهتري آئي آهي ان ڪري وارا بندي پڻ گھٽائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.