اسلام آباد(بيورو/م ڊ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي چڙڏياريندڙ بيانن کي رد ڪندي چيو آهي ته مودي جو بيان خطي ۾ امن جي ڪوششن لاءِ خطرو آهي، جنگبندي جي خواهش کي پاڪستان سان ڳنڍڻڪوڙ آهي. پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جا بيان سياسي مفاد پرستي جا عڪاس آهن ۽ خطي ۾ امن جي ڪوششن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. ترجمان موجب، پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي. جنگبندي دوست ملڪن جي ڪوششن سان ممڪن ٿي، ان کي رڳو پاڪستان سان ڳنڍڻ غلط ۽ ڪوڙ آهي. پرڏيهي وزارت چيو ته پاڪستان تي مايوسي ۽ ناڪاميءَ تحت جنگبندي جي اپيل جو الزام مڪمل طور تي بي بنياد آهي. پاڪستان چاهي ٿو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ٿئي.هوڏانهن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته اهو جنگي قدمن جي برابر هوندو. هن ڪشمير کي علاقائي عدم استحڪام جي جڙ قرار ڏيندي خطي جي لاءِ مستقبل ۾ حق خود اراديت جو مطالبو ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته گذريل هفتي جاري جنگ جي دوران ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي باوجود پاڪستان ڀارت تي ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي غور نه ڪيو. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇنڇر تي جنگبندي معاهدي کان پوءِ پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته 7 مئي جي ڀارتي حملي کان پوءِ پاڪستان وٽ پنهنجي دفاع ۾ جوابي ڪارروائي کان علاوه ٻيو ڪوبه حل نه هو. نائب وزيراعظم ڀارت جي حملي کي جنگ ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي هڪ خيالي ڪوشش قرار ڏنو پر اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان طرفان ايٽمي هٿيارن جو استعمال غور هيٺ نه هو. هن چيو ته اهڙا لمحا ايندا آهن جڏهن اوهان کي تمام گهڻا سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اسان کي ڀروسو هو ته اسان جي روايتي جنگ صلاحيت ۽ طاقت ايتري آهي ته اسان انهي کي فضا ۽ زمين ٻنهي محاذن تي شڪست ڏئي سگهون ٿا. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهيون ڳالهيون اڃان مڪمل ناهن ٿيون، اسان اميد ڪريون ٿا ته هنن کي عقل اچي ويندي. غير امڪاني معاهدي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته اهو ٻنهي ڌرين جي مفاد ۾ آهي ته اهڙن معاملن کي وڌيڪ دير جو شڪار نه ٿيڻ ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتين ڏسي ورتو ته فضا ۾ ڇا ٿيو. اهي چڱي ريت سمجهي ويا آهن ته ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو.