ترڪ صدر پاران پاڪستان جي حمايت جو اعلان

انقره(م ڊ)ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڀائيچاري واري پاڪستاني قوم جي حمايت جو واضح اعلان ڪندي چيو آهي تهپاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي تي خوشي آهي، جڏهن ته هو پاڻي سميت سڀني مسئلن جو آسان حل چاهين ٿا،ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڪابينا سان خطاب ڪندي پاڪستاني قوم سان پنهنجي حمايت جو اعلان ڪيو،هن چيو ته اسان ڪشمير ۾ ٿيل وحشيانه دهشتگرد حملن ۽ پاڪستان تي ميزائل حملن بابت پنهنجو واضح موقف ڏنو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انتهائي خطرناڪ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ بي انتها ڪوششون ڪيون۔هن وڌيڪ چيو ته مون وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪيو ۽ انهن سان انتهائي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، مان پاڪستاني ڀائرن کي سندن صبر، برداشت ۽ سمجهداريءَ واري موقف تي واڌايون ڏيان ٿو ترڪيه ڀائيچاري واري پاڪستاني قوم سان سٺي ۽ خراب وقت ۾ گڏ بيهندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.