سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، اهو ته سنڌ جي زندگيءَ آهي؛ سنڌ جي زرخيز زمينن، ساهه کڻندڙ ماڻهوءَ، جانور جيت جڻا پکي پرند ‘ انهن کي ساهه ڏيندڙ وڻ ۽ تهذيبن جي تسلسل جو بنياد آهي. پر افسوس جو گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان هي شينهن درياھ نه رڳو سُڪندو پيو وڃي، پر ان سان گڏ سنڌ جي جاڳرتا به ڄڻ ڌُند ۾ ويڙهجي پئي آهي.
پاڻي جي ورڇ ۽ نئين ڪئنالن جو سياسي منظرنامو
سنڌو درياهه تي ٺاهيل تربيلا ڊيم، چشمه لنڪ ڪئنال، ۽ ٻين منصوبن کان پوءِ هاڻ نئون دٻاءُ ديم ۽ نئين ڪئنالن جي صورت ۾ اچي پيو آهي. بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا پنهنجي زرعي واڌ لاءِ جيڪي نوان ڪئنالون ٺاهيا آهن يا ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿا، تن جو وڏو حصو سنڌ جي حصي جي پاڻي تي دارومدار رکي ٿو. خاص طور تي غلام محمد بئراج کان نڪتل رينج ڪئنال، راجسٽان طرف ويندڙ نهرون، ۽ حال ۾ ذڪر هيٺ ايندڙ ”ڪڇ ڪئنال“، سنڌ لاءِ وڏي ڳڻتي جوڳا آهن.
سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ – هڪ مستقل ويراني جو سبب بڻبي۔
سن 1991ع جو پاڻي معاهدو، جيڪو مڙهيل فيصلي جيان سنڌ تي لاڳو ڪيو ويو، ان مطابق به سنڌ کي پاڻي پورو نه مليو آهي. اونهاري ۾ جڏهن فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت هوندي آهي، تڏهن سنڌ جي ٽي هزاري، نيو ڪوٽ، ڪينجهر، ۽ ٽنڊو محمد خان واريون زمينون سوڪهڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. هاڻوڪي انگن اکرن مطابق، سنڌ کي پنهنجي حصي کان 35٪ تائين گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جيڪو پهريان ئي زراعت، ماحول، ۽ معاشي زندگيءَ لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
درياهه جي سُڪڻ جا سماجي اثر
پاڻي جي کوٽ سان دريا خان، جوهي، بدين، ۽ ٺٽو جهڙا علائقا ماحولياتي اڻبرابري جو شڪار ٿيا آهن. سامونڊي چاڙهه (sea intrusion) جي ڪري سوين ايڪڙ زمينون زميندارن کان کسجي چڪيون آهن، تازو سروي مطابق، فقط ٺٽي ۽ بدين ۾ 1.2 ملين ايڪڙ زمين سامونڊي چاڙهه هيٺ اچي چڪي آهي. هتان جا ماڻهو پنهنجا ڳوٺ، مڇيءَ جا ٻارا، ۽ ساهه وڃائي، لڏي رهيا آهن – جن جو نالو نه خبرن ۾ اچي ٿو، نه قانون جي ڪتابن ۾.
حل جي ڳولا – رستا موجود آهن؟
(1) 1991ع واري معاهدي تي مڪمل عملدرآمد: وفاقي حڪومت کي گهرجي ته معاهدي جي شقن موجب پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي.
(2) نئين ڪئنالن تي پابندي: نوان منصوبا رڳو ان صورت ۾ منظور ٿين، جڏهن متاثر ڌر (سنڌ) جي مڪمل رضامندي هجي.
(3) درياهه جي هيٺاهين وهڪرن لاءِ ماحولياتي وهڪرو (Environmental Flow) لازمي قرار ڏنو وڃي، جيئن سمنڊ ڏانهن به گهٽ ۾ گهٽ پاڻي پهچي سگهي.
(4) سنڌ ۾ پاڻي بچاءَ، جديد آبپاشي نظام، ۽ awareness پروگرام شروع ڪيا وڃن ۔
سنڌ جو پاڻي، سنڌ جي زندگي آهي. جيڪڏهن درياهه سُڪي ويا، ته نه رڳو فصل جانور پکي پرندا جيت جڻا وڻ ٻوٽا ماحولياتي تباهي ٿيندي پر تهذيبون به دفن ٿينديون. سنڌ جا شاعر، سياستدان، صحافي، ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ اها ويڙهه وجود جي آهي. "سنڌو بچايو، سنڌ بچايو” ڪو جذباتي نعرو ناهي اها ان پڪار جو اظهار آهي، جيڪا تهذيب جي بقا لاءِ ضروري ٿي چڪي آهي.