ڪراچي (پ ر) ملير بار جي وڪيلن جي پر امن ڌرڻي تي پوليس طرفان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر نور نبي راهوجو، ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، خادم ٽالپر، بشير چانڊيو، امير گل ڪٽوهڙ، ڪليم ملڪ ۽ شير چانڊيو پنهنجي مذمتي بيان ۾ ڪيو، هنن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري وڪيلن تي حملو ڪري ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي، سنڌ اندر پنهنجا حق وٺڻ ڪو ڏوهه ته ناهي، احتجاج هر هڪ شهري جو آئيني حق آهي، اسين اعليٰ عملدارن کان گهر ڪريون ٿا ته وڪيل دوستن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.