پاڪ-ڀارت جنگ بندي:اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي واڌ رڪارڊ

ڪراچي(رپورٽر)ڀارت کي جارحيت جو ڏند چڪ جواب ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جتي 100 انڊيڪس ۾ 10 هزار پوائنٽس کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ڀارت پاران پهلگام واقعي کي جواز بڻائي جارحيت جي شروعات کانپوءِ، 100 انڊيڪس ۾ گهٽتائي فطري هئي ۽ هفتي دوران انڊيڪس 6939 پوائنٽس گهٽجي ويو، پر جڏهن پاڪستان طرفان سخت جواب ڏنو ويو ۽ دنيا طرفان ان جي ساراھ ڪئي وئي، تڏهن انڊيڪس ۾ واڌ به فطري طور تي سامهون آئي، اسٽاڪ بروڪرن، پاڪستان جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي، ڪيڪ ڪاٽي جشن ملهائي ڇڏيو، ۽ "پاڪستان زنده باد، فوج زنده باد” جا نعرا هنيا ويا، اڄ 100 انڊيڪس ۾ 10,123 پوائنٽس واڌ سان مارڪيٽ 1,17,297 پوائنٽس تي بند ٿي، جيڪو اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخ جو هڪ نئون رڪارڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.