ڪوٽڙي(رپوررٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بلوچستان واسي زال مڙس ٻن ٻارڙن سميت قتل، 3 کان 4 ڏينهن پراڻا لاش هٿ آيا، خدا جي بستي ۾ بلوچستان واسي عمران ايري هڪ هفتو اڳ مسواڙ تي جڳھه ورتي رهائش اختيار ڪئي هئي، جنهن کي زال عاليا ۽ ٻن ٻارڙن سميت مبينا قتل ڪيو ويو، ايس ٽي پي اڳواڻ امجد مستوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو مونکي واٽسپ تي ميسيج ڪري ٻڌايو ويو ته همراهن جا لاش وڃي کڻو، جنهن بعد دروازي تي پهتاسين ته دروازو نه کليو، پوليس کي اطلاع ڪيو، دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿياسين، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ٽي کان چار ڏينهن پراڻا آهن، پاڙيسرين جي اطلاع تي گهر جو دروازو ٽوڙي لاش هٿ تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪليا آهن، پوسٽ مارٽم بعد موت جي سببن جي صحيح خبر پوندي، اطلاع آهن ته زال، مڙس ۽ ٻارڙن کي پراڻي دشمنيءَ تان قتل ڪيو ويو آهي، چيو وڃي ٿو ته عمران ايري 8 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو فيصلو پڻ ٿيو پر مخالف ڌر فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪيو، اٺ سال گذرڻ کانپوءِ مسواڙي گهر ۾ ئي 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيو ويو، لاش پراڻا هئڻ ڪري ڌپ ڪري ويا هئا.