اسلام آباد(بيورو/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ اي پي سي گهرائي وري ملتوي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب اڄ 12 وڳي اي پي سي ٿيڻي هئي. پاڪ، ڀارت تڪرار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻول ٿيندي. وزيراعظمشهباز شريف سان ترڪي جي سفير عرفان نذير اوعلو ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جو ٿورائتو ٿيو، وزيراعظم چيو ته موجوده تڪرار واري صورتحال ۾ ترڪي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ترڪي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن،هن چيو ته صدر طيب اردگان جي حمايت سان پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون ۽ شاندار باب شامل ٿيو آهي۽ سندن مستقل سهڪار سان هو پاڪستاني عوام جا دل کٽي ويا آهن، شهباز شريف ترڪي جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن "آپريشن بنيان مرصوص” ذريعي دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ انهن جي خراب ارادن کي ناڪام بڻايو،هن اهو به ورجايو ته پاڪستان سدائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند رهيو آهي، پر پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، وزيراعظم چيو ته ان ئي مفاهمتي پاليسي جي تحت پاڪستان ڀارت سان جنگ بندي قبول ڪرڻ تي رضامند ٿيو،
ٻه طرفي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪي جي ڀائراڻن لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.