راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج طرفان ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ شروع ڪيل ’آپريشن بنيان مرصوص‘ جي مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت سان 22 اپريل کان 10 مئي تائين جاري رهندڙ معرڪي کي ’معرڪا حق‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي طرفان ’آپريشن بنيان المرصوص‘ جي مڪمل ٿيڻ جو باقاعدي اعلان ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان 10 مئي 2025 تي آپريشن ’بنيان مرصوص‘ جو آغاز ڀارتي فوج جي بزدلاڻي جارحيت جي ردعمل طور ڪيو ويو، جيڪا 6 ۽ 7 مئي 2025 تي شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه شهرين جي شهادت ٿي، جن ۾ عورتون، ٻارڙا ۽ بزرگ شامل هئا، بيان ۾ چيو ويو آهي ته”پاڪستان حملن جو بدلو وٺڻ ۽ انصاف جي فراهمي جو عزم ڪيو هو، الحمدلله، پاڪ فوج عوام سان ڪيل وعدو پورو ڪري ڏيکاريو۔”آءِ ايس پي آر مطابق، هٿياربند فوج الله تعاليٰ جي نعمتن، رحمت، مدد ۽ نصرت تي شڪر گذار آهي، الله تعاليٰ مؤمنن تي فرض ڪيو آهي ته جڏهن انهن تي ظلم ٿئي ته ان جو جواب ڏين ۽ اسين الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته اسان کي ميدانِ جنگ ۾ ڪاميابي عطا ڪئي.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسين شهيدن جي وارثن ۽ خاندانن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، جن وطنِ عزيز لاءِ پنهنجون جانون قربان ڪيون، جڏهن ته زخمي وطن واسين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.