اسرائيل طرفان نيتن ياهو لاءِ جاري عالمي فوجداري عدالت جا گرفتاري وارنٽ واپس وٺڻ جي درخواست

تل ابيب(م ڊ)اسرائيل عالمي فوجداري عدالت جي ججن کان درخواست ڪئي آهي ته وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ دفاع واريوزير جي خلاف جاري ڪيل گرفتاري وارنٽس واپس ورتا وڃن، الجزيره جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي غزه جنگ دوران اسرائيل جي اختيار ۽ دائري جو جائزو وٺي رهي آهي،عدالت جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسرائيل عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته استغاثي کي حڪم ڏنو وڃي ته هو فلسطيني علائقن ۾ مبينا ظلم، زيادتي ۽ جنگي ڏوهن جي جاچ معطل ڪري، اهي دستاويز 9 مئي 2025 تي جاري ڪيا ويا هئا، جن تي اسرائيلي نائب اٽارني جنرل گيلاد نوا جا صحيح ٿيل دستخط موجود آهن، گذريل سال 21 نومبر تي آءِ سي سي طرفان نيتن ياهو، انهن جي اڳوڻي دفاع واري وزير ۽ حماس جي اڳواڻ ابراهيم المصري (جنهن کي محمد ضيف به سڏيو وڃي ٿو) خلاف غزه جي تڪرار ۾ مبينا جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي الزام هيٺ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، فيبروري ۾ آءِ سي سي تصديق ڪئي هئي ته محمد ضيف جي وفات جي پڪ بعد انهن جي لاءِ جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ واپس ورتو ويو آهي.

  1. ڪراچي ۾ 12 مئي تي پيش آيل سانحي کي 18 سال گذري ويا

 ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ٿيندڙن سانحو 12مئي 2007ع کي 18سال ٿي ويا، پر ذميوار ان مليل به قانون جي ڪٽهڙي کان آزاد آهن، 12مئي جي التوا هيٺ7 ڪيسن مان هڪ ڪيس جو فيصلو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، 6 ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائي رهيا آهن، 12مئي تي ڪراچي ۾ رت جي هولي ڪڍي وئي، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ شهرين کي قتل ڪيو ويو، هنن جا گهروار اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ويٺل آهن،12مئي 2007ع جو واقعو ان وقت جي چيف افتخار چوڌري جي ڪراچي اچڻ تي پيش آيو هو، 12 مئي واقعن جي ڪيسن جي نئين سر جاچ مڪمل نه ٿي سگهي، نئين سر جاچ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي به عمل نه ٿيو، 12 مئي واقعن جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪرائيندڙ اقبال ڪاظمي به فوت ٿي ويو

  1. ٽرمپ قطر جي شاهي خاندان وٽان 40 ڪروڙ ڊالر جو لگزري جهاز تحفي طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قطر جي شاهي خاندان وٽان 40 ڪروڙ ڊالر ماليت وارو لگزري جهاز تحفي طور قبولڪرڻ لاءِ راضِي ٿي ويا آهن، جيڪو هو ايئر فورس ون طور استعمال ڪندا، غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي صدر قطر کان هيءَ لگژري جهاز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، جنهن جي ماليت 400 ملين ڊالر (40 ڪروڙ ڊالر) ٻڌائي پئي وڃي. ان تحفي جو اعلان ايندڙ هفتي ٽرمپ جي قطر جي دوري دوران ڪيو ويندو، وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيئرولين ليويٽ چيو آهي ته پرڏيهين حڪومتن جا تحفا هميشه قانوني ضابطن جي مطابق قبول ڪيا ويندا آهن،ميڊيا رپورٽن موجب صدر ٽرمپ جي انتظاميا ممڪن آهي ته قطر جي شاهي خاندان وٽان هيءَ لگزري جهاز قبول ڪري، جيڪو ڪنهن به پرڏيهي حڪومت طرفان ڏنل سڀ کان قيمتي تحفو ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.