ڪراچي/ اسلام آباد(م ڊ/ نمائندا) وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ پاڪ فوج پاران پاڪ وطنِ ۽ قوم کي ڪامياب ڪرڻ تي يومِ تشڪر ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ جلسا ڪري پاڪ فوج کي ڀارتي جارحيت کي منهن ڏيڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، ڪراچي پريس ڪلب تي پاڪ فوج سان اظھارِ تشڪر لاءِ سڄي شهر مان ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا، قوم پاران فوج جي جرئت، بهادري ۽ قربانين تي اعتماد جو اظھار ڪيو ويو، ريلين جي شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج جي حمايت ۾ بينر کنيل هئا ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ جوشيلا نعرا پڻ هنيا ويا، شڪر ڳڙهه ۾جلسي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته "پاڪ فضائيه جا شاهين سڄي دنيا ۾ بي مثال آهن، جيڪڏهن ڀارتي قيادت فراست ۽ سمجهه سان ڪم وٺي، ته ڪشمير سميت سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ٿي سگهن ٿا، مسلم ليگ ن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پاڪ فوج جي ڀارت مٿان فتح تي جشن ملهايو ويو، جتي يومِ تشڪر جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزيرِ پارليماني امور طارق فضل چوڌري شرڪت ڪئي ۽ چيو ته "اڄ پاڪستان ۽ اسان سڀني لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، پاڪستان هڪ عددِي طور تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اها فتح صرف پاڪستان نه، پر سڄي عالمِ اسلام جي ڪاميابي آهي، راولپنڊي ۾ افواجِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مسلم ليگ (ن) پاران ريلي ڪڍي ويئي، جنهن جي اڳواڻي وفاقي وزيرِ ريلوَي، حنيف عباسي ڪئي، اسلام آباد پوليس پاران فليگ مارچ ڪيو ويو.