ڀارت پنهنجي فوج تي اهڙو بار وڌو جيڪو هو کڻڻ جوڳا ئي نه هئا: عامر رياض

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض چيو ته ڀارتي سياسي قيادت پنهنجي فوج تي اهو بار وڌو، جيڪو کين کڻڻ جوڳا ئي نه هئا. پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو، ۽ جواب ڏيڻ کان پوءِ ڀارت کي سيز فائر ڏانهن وڃڻو پيو. عامر رياض موجب، پاڪستان پنهنجا سڀ هدف حاصل ڪيا، ۽ ڀارتي فوج کي فوجي سطح تي سرپرائز ڏنو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت ڪوڙ ڳالهائيندي رهي، جڏهن ته پاڪستان هميشه سچ تي هلندو رهيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان 5 ڀارتي جهاز ڪيرايا ۽ پنهنجي ايئر ڊفينس سسٽم کي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ڀارتي ڊرونز کي تباهه ڪيو. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته ڀارت تي هاڻ جنگ هارائڻ جو دٻاءُ وڌي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت سيز فائر ٽوڙي ٿو ته وڌيڪ دٻاءُ ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.