اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي اڳ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ پاڻ آمريڪا کان جنگ بندي جي اپيل ڪيائين. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن سلامتي تي حملو ٿيو ته سخت جواب ڏينداسين، ۽ اهو ئي ٿيو، جيڪڏهن پاڻي معاملي ته به جواب ڏيڻو پيو ته اهڙو ئي جواب ڏينداسين. راڻا ثناءُالله موجب، ڪشمير جو معاملو هاڻ ٻيهر عالمي سطح تي اجاڳر ٿيو آهي.
۽ ڳالهين ۾ اهو هر صورت شامل ڪيو ويندو. اسان کي اميد ناهي ته مودي ٽيبل تي ڳالهين لاءِ ويهندو پر هن اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت بيڪ ڊور چينلن ذريعي ڳالهيون شروع ڪندو، ۽ جيڪڏهن معاملا حل ٿيا ته اهو سٺو سنوڻ هوندو. راڻا ثناءُالله چيو ته ٽرمپ جو رويو خوشگوار حيرت جوڳو آهي ۽ ان موقعي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.