اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر جنجوعا چيو ته ڀارت پاڪستان تي حملي ۾ غلط اندازو لڳايو، ڇو ته ڀارت وٽ اهڙي صلاحيت ئي نه هئي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هاڻي پنهنجي ذلت کي ڪاميابي ڏيکاري عوام کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ناصر جنجوعا موجب، سيز فائر ڀارت جي مفاد ۾ آهي، ۽ جڏهنهو پاڪستان سان ملاقات ڪندا ته ائين ڏيکاريندا ڄڻ ته سيز فائر جي درخواست پاڪستان ڪئي هئي. اڳوڻي سفير مليحا لودهي چيو ته ڀارت سمجهو پئي ته پاڪستان جي معيشت جيان سندس دفاع به ڪمزور هوندو، پر حقيقت سامهون اچي وئي. هن چيو ته آمريڪا سڄي صورتحال ۾ سرگرم رهيو، پر اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اڳتي به سرگرم رهندو. مودي کي سياسي نقصان پهتو آهي.