اسلام آباد(اسدطور) برطانوي اخبار ٽيليگراف لکيو آھي تھ صبح جو 4 وڳي غير معمولي واقعو پيش آيو.چين جي سفير کي راولپندي مان ھنگامي ڪال ڪئي وئي جنھن بعد ڊگھي عرصي کان سوچيل منصوبو فعال ٿي ويو.ان بعد جيڪو ٿيو سو ڀارت جي فضائي برتري جو مڪمل خاتمو ھيو.مغربي محاذ تي ڀارت 180 جھاز گڏ ڪيا ھئا مقصد بالاڪوٽ جي طرز تي حملو ڪري برتري ڏيکارڻ ھيو پر ڀارتي جھاز اڳتي وڌي نھ سگھيا جو اڳيان چين جا جي 10 سي جھاز منتظر ھئا.پي ايل ففٽين ميزائل بھ تيار ھئا.اھو چين جو مڪمل فضائي نظام ھيو جيڪو پاڪستان اندر متحرڪ ھيو. ھڪ رافيل جھاز جنھن جي ماليت 250 ملين ڊالر ھئي ان کي ھوا ۾ ئي نشانو بڻايو ويو، ٻيو مشڪل سان واپس موٽيو. ڀارت برتري خاطر رافيل خريد ڪيا جنھن کي چين جي ٽيڪنالاجي زمين بوس ڪيو.ان مغرب کي پريشان ڪيو ۽ فرانس جي دفاعي سامان تي سوال اٿاريا.ڀارت کي احساس ٿي ويوآھي تھ پاڪستانجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ خودڪشي آھي. رافيل جھاز جي پائلٽ کي تنھن وقت اندازو ٿيو جڏھن صرف 9 سيڪنڊ وٽس ھئا.پاڪستان کي دوست ملڪ جي انٽيليجنس وسيلي 6 مئي تي اطلاع مليو تھ پاڪستان مٿان حملو ٿيڻ واروآھي ھنن فوري طور تي چيني سفير سان رابطو ڪيو ۽ ھنن پنھنجو سمورو دفاعي نظام متحرڪ ڪري ڇڏيو.جڏھن رافيل ڪيرايو ويو تڏھن بھ چيني سفير کي بريفنگ ڏني وئي تھ ھي ڪيوآھي،پاڪستان جي فضائي برتري کانپوءِ ڀارتي فضائيه 300 ڪلوميٽر پٺتي هلي وئي آهي،ڇو ته پي ايل 15 جي 300 ڪلوميٽرن تائين رينج آهي،ڀارت جو اسپيڪٽرا اي ڊبليو غيرموثر، فرانسيسي انجنيئرنگ ناڪاره،ڀارتي پائليٽ ناڪام ٿي ويا ڇو ته انهن خلاف جنگ مشينون وڙهي رهيون هيون جن کي اهي ڏسي به نه پئي سگهيا،اخبار لکي ٿي ته نتيجو اهو نڪتو ته خاموش فضائي غلبو،اها رڳو هڪ ويڙهه نه هئي هڪ نئون دور هو،سي فور آءِ ايس آريعني ڪمانڊ ڪنٽرول ڪميونيڪيشنز، ڪمپيوٽرس، انٽيليجنس،سرويلنس ۽ ريڪي جنگ کٽي،ڀارت جي فضائي برتري جو خواب جيڪو رافيل جهازن تي ڀاڙيل هو، ڪشمير جي آسمانن ۾ اٿندي ئي مٽيءَ ۾ ملي ويو