سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو ) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سکر ۽گڊو بئراج جي امپروومينٽ منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيل سان جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ آبپاشي کاتي وارو سيڪريٽري ظريف کيڙو ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران سکر بئراج ۽ گڊو بئراج تي ھلندڙ بحاليءَ جي ڪم تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير کي آفيسرن پاران هلندڙ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ڄام خان شورو لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته منظور ٿيل شيڊول موجب ڪمن کي وقت سر ۽ معياري طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ کير ٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ جو به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ 7 مئي تي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو جيڪو 10 جون تائين مڪمل ٿيندو، صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جو دورو ڪري ڊي سلٽنگ جي ڪم جو جائزو ورتو، صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ جي سمورن آبادگارن کي فصل لاءِ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور يقيني بڻائڻ لاءِ ڪينالن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڊي سلٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نارا ڪينال جي لائنگ ۽ پچنگ کانپوءِ اين ايس ڪمپني جي انتظامن هيٺ جديد مشينري ذريعي دادو ڪينال ۽ کيرٿر ڪينال جي ڊي سلٽنگ جو ڪم به ڪيو ٿو وڃي، اميد آهي ته 10 جون تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن بعد کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي پڇڙي وارن آبادگارن تائين انهن جي حصي جو پاڻي مڪمل طريقي سان پهچي ويندو.