پاڪ—ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو سبب ڪشمير تي اڳڀرائي ممڪن آھي ؟

پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيڻ سان خطي جي ڪروڙين ماڻھن سک جو ساھ کنيو. ٻنھي ملڪن وچ ۾ جاري ڊرون ۽ ميزائل حملن کي روڪرائڻ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي سفارتي ڪوششن بعد ٺاپر آئي آھي.ٻنھي ملڪن وچ ۾ جاري لڙائي اڳوڻين جنگن کان مختلف ھئي.وقت سان گڏ جنگين جي نوعيت بدلجي وئي آھي.جديد ٽيڪنالوجي، آءِ ٽي سميت ميڊيا ۽ سفارتي ميدان کي درست نموني ڪتب آڻي ئي جنگ جو نتيجو پنھنجي حق ۾ ڪري سگھجي ٿو.اھو سڀ ڪجھه گذريل ڪجھھ ڏينھن دوران خطي جي ماڻھن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ مليو ھو.اھا محدود جھڙپن واري جنگ تازو والاريل ڪشمير  ۾ پھلگام جي علائقي ۾ سياحن تي ٿيل ھڪ حملي جي ڪري شروع ٿي ھئي.ان واقعي  ۾ ٿيل  جاني نقصان جو الزام ھندستان بنا ڪنھن ثبوتن جي پاڪستان تي مڙھي ڇڏيو.جنھن سان ڇڪتاڻ اڳتي وڌي وئي.پھلگام واقعي کي بنياد بڻائي ھندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سخت لھجي جي بيان بازي شروع ٿي. جنھن کان پوءِ عملي طور جنگي جھڙپون بھ ٿيون.

پاڪستان پھلگام حملي ۾ ملوث ھئڻ جي ترديد ڪندي، ان جي غيرجابندار جاچ جي پڻ آڇ ڪئي.پر ھندستان جي  قيادت رواجي ھٺ ڌرمي جو مظاھرو ڪيو. نھ رڳو ايترو بلڪھ ھندستان جي حڪمران ڌر مذھبي جذبن کي بھ منفي انداز ۾ اڀاري نفرت کي ھوا ڏئي ڪري ٻنھي ملڪن ۾ ھڪ خوف جي فضا پيدا ڪري ڇڏي. اھو عمل سياسي نا بالغي جو چٽو ثبوت آھي.ننڍي کنڊ جي ٻن ايٽمي ملڪن ۾ جاري لڙائي ۽ ڪافي ڏينھن کان ھلندڙ جنگي ماحول مان ڏيڍ ارب انسانن  مس وڃي سک جو ساھ کنيو آھي. ٻئي راويتي حريف ملڪ پنھنجي پنھنجي وجود وٺڻ کان ئي ھڪ اھم علائقي ڪشمير ۾ زور آزمائي ڪندا رھيا آھن.ان علائقي جي بيھڪ سبب ان جي خطي ۾ اھميت کان ڪو بھ انڪار نٿو ڪري سگھي ۽ ھن وقت ڪشمير جو معاملو وقت گذرڻ سان گڏ ويتر پيچيدا ٿي ويو آھي.

ٻنھي ملڪن جي اڪثريت سمجھي ٿي تھ ڪشمير ئي ٻنھي ملڪن ۾ جنگين جو سبب بڻجي ٿو.جنھن تي ويجھي ماضي ۾ ٻنھي ڌرين پاران ڪي بھ ڳالھيون نھ ٿيون آھن.جنھن ڪري مني صديءَ کان ٽنگجي پيل مسئلو ڪنھن بھ پاسي نھ ٿي سگھيو آھي.ھئڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ ٻنھي ملڪن جي رياستي ۽ حڪومتي قيادتن کي ان اھم معاملي کي حل ڪندي ايڪھين صديءَ ۾ ھن خطي کي ترقي ڏياري ٻنھي ملڪن سميت خطي ۾ امن امان کي بھتر ڪيو وڃي ھا، ٻئي ملڪ ھڪ ٻئي جي تجربن مان سکن ھا. واپار لاڳاپا قائم ڪن ھا. ٽيڪنالوجي ۾ ساٿ ڏين ھا ۽ خطي جي ماڻھن جي غربت کان ھيٺ گذرندڙ زندگيءَ کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ اڄ جي دور جي گھرج موجب نيون رٿون رٿين ھا ۽ دنيا سان قدم ملائي اڳتي وڌن ھا، پر ھن وقت تائين خطي جي ماڻھن جو اھو ھڪ خواب ئي رھيو آھي.

 ڏکڻ ايشيا ۾ ٻن ايٽمي هٿيارن سان ليس پاڙيسرين ۾ميزائل ۽ ڊرون حملا رڪجي ويا آھن.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊرون حملا ڏهاڪن کان هلندڙ دشمني ۾ هڪ نئين ۽ خطرناڪ موڙ جي نشاندهي ڪن ٿا، ٻنهي پاسن کان روايتي گولي بارود ۽ هوائي هٿيارن جو استعمال تڪراري ۽ ڇڪتاڻ واري سرحد تي ٿيو.

ھي پھرين غير روايتي ويڙھ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ تڪرار ۾ هڪ نئون باب آهي دنيا جي ٻين حصن وانگر ھي ٻئي حريف پڻ نئين ڊرون دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ڏکڻ ايشيا جي  انھن ملڪن ۾ ھي ڇڪتاڻ آسمانن ۾ ڊرون جنگ ڏانھن وڌڻ جي شاھدي بھ آھي.ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صورتحال خميس ۽ پوءِ جمعي جي شام وڌيڪ  خراب ٿي وئي. پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، اسرائيلي ڊرون هندستان طرفان پاڪستان ۾ موڪليا ويا هئا ۽ فوج جمعي جي شام تائين اهڙا 77 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا هئا.پاڪستاني اختيارين دعويٰ ڪئي ته انهن ڊرون کي ڪيرايو آهي، جيڪي مبينا طور تي اسرائيل جا ٺاهيل هيروپ ڊرون ھئا.ھاڻي جڏھن ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر آئي آھي تڏھن ٻئي ڌريون مختلف قسم جي دعويٰ ڪري سگھن ٿيون، پر ڪجھ شيون مختلف ان صورت ۾ آھن تھ عام طور تي جڏھن بھ فوجي ۽ ٽيڪنالوجي ۾ اڳڀرو ملڪ سامھون ڪنھن ننڍي ملڪ تي حملو ڪري ٿو. اھا جنگ بنا نتيجي ختم ٿي وڃي تھ ان کي لازمي طور تي طاقتور ملڪ جي شڪست قرار ڏنو ويندو آھي.پاڪستان ننڍي کنڊ جو آبادي جي لحاظ سان مد مقابل جي ڀيٽ ۾ ننڍو آھي پر فوجي اعتبار سان ڪنھن بھ ريت ڪمزور تصور نٿو ڪيو وڃي. اھو سڀ ڪجھھ ڏينھن جي جھڙپن سان ثابت پڻ ٿي ويو آھي.ھڪ وڏي فوجي طاقت رکندڙ ملڪ جيڪو ڪنھن بھ طرح سان ڳالھھ ٻڌڻ  جي لاءِ تيار نھ ھو، ان کي جنگ روڪڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

ھن ڀيري پاڪستان سفارتي ۽ عملي لڙائي ۾ اڳڀرو ان ڪري رھيو آھي جو پھرين تھ ڇڪتاڻ جي سبب بڻجندڙ واقعي تي پاڪستان ھندستان سان سھڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار ھو.ان ھوندي بھ طاقت جي نشي ۾ چور ھندستان ان کي پنھنجي سياسي مقصد جي لاءِ ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن ۾ اھو ناڪام ٿي ويو. عالمي سطح تي پاڪستان جي بيانئي کي مثبت موٽ ملي.سفارتي ميدان ۾ پاڪستان اڳيان اڳيان رھيو. جڏھن ھندستان وري زور ميزائل ۽ ڊرون سان حملو ڪيو تھ پاڪستان ڪافي صبر ۽ برداشت جو مظاھرو ڪيو. اھو سڀ ڪجھه عالمي برادري کي ڏسڻ ۾ آيو، وري جڏھن پاڪستان ھندستان جي اڳرائي جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو تھ ان بعد لڙائي وڌڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي ھندستان کي وڌيڪ نقصان سھڻ جو انديشو ٿي پيو.جنھن ڪري ھندستان عالمي سطح تي سفارتي ميدان ۾ جنگ بندي جي لاءِ مجبور ٿيو.اھڙي ريت ھاڻوڪي ڇڪتاڻ تھ ختم ٿي آھي،پر جيڪي بھ ڌريون وچ ۾ آيون آھن،پاڪستان کي سفارتي ميدان ۾ اتي پنھنجو ڪشمري جو ڪيس بھ پيش ڪرڻ گھرجي،جيئن مني صديءَ کان جنگ جو سبب بڻجندڙ ھي اھم معاملو حل واري پاسي ڏينھن وڌي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.