اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سڀني هوائي اڏن تي عام فلائيٽ آپريشن معمول مطابق جاري آهي ۽ هر قسم جي اڏامن جي اجازت ڏني وئي آهي، ترجمان موجب مسافر اڏامن جي تازي شيڊول بابت مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ايئرلائين سان رابطو ڪن، ڀارتي جارحيت سبب پاڪستان جي فضائي حدن کي 11 مئي جي منجهند 12 وڳي تائين هر قسم جي اڏامن لاءِ بند ڪيون ويون هيون.
-
آدم پور ايئربيس تي ڀارت جو اربين ڊالرن جو ايس-400 سسٽم تباهه
نئين دهلي(م ڊ)پاڪ فضائيه ڀارتي رياست پنجاب جي علائقي آدم پور ۾ قائم ايئربيس تي دنيا جي جديد ترين ميزائل سسٽمن مان هڪ S-400 کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيمت تقريباً 1.5 ارب ڊالر لڳائي وئي آهي۔ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارت روس کان خريداري بعد هي دفاعي سسٽم پنهنجي اتر، اولهه ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ نصب ڪيو هو، جنهن جو مقصد چين ۽ پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ هو۔رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جيتوڻيڪ S-400 سسٽم جي مڪمل تنصيب بابت حتمي طور تي ڪجهه چوڻ مشڪل آهي، پر پاڪستان خلاف استعمال لاءِ ان مان هڪ رجمنٽ اتر اولھ واري رياست پنجاب ۾ مقرر ڪئي وئي هئي۔ڀارتي ميڊيا پهلگام واقعي کانپوءِ اطلاع ڏني هئي ته ڀارت S-400 ايئر ڊفينس سسٽم کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان طرفان ڪنهن به ميزائل يا جنگي جهاز جي حملي جو جواب ڏئي سگهجي۔
-
ٽرمپ ڀارت کي آمريڪي مفادن خلاف نه وڃڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد(امتياز گل) پاڪستان انڊيا طرفان شور ڪوٽ، نورخان بيس تي سڌي ريت حملن کان پوءِ ان جو جواب گذريل ڏينھن صبح جو 4 وڳي ڏئي ڏيو. جنھن جي تصديق ڀارتي فوجي ترجمان صوفيھ قريشي ڪندي چيو تھ پاڪستان اولھھ واري محاذ تي ننڍن ۽ ڳرن ھٿيارن جو استعمال ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سري نگر، اڌم پور ۾ فوجي اڏن کي نقصان پھچايو.ان بعد ڪانگريسي اڳواڻ تيجسوي پرڪاش چيو تھ سسرا ايئربيس جيڪو ھريانھ ۾ آھي اھو تباھھ ٿي ويوآھي. سوال آھي تھ ان سموري معاملي ۾ ٽرمپ انتظاميھ جو ڪھڙو ڪردار رھيو؟ سمجھيو اھو پئي ويو تھ جڏھن بھ پاڪ _ ڀارت ڇڪتاڻ ٿيندي تھ آمريڪا خاموشي سان ڀارت جو ساٿ ڏيندو پر 9 مئي تي آءِ ايم ايف بورڊ جواجلاس ٿيو ڀارتي ڪوششن باوجود پاڪستان لاءِ ٻھ قرض منظور ٿيا ان منظُوري ڀارت لاءِ پيغام ھيو تھ ھن جيڪي روس سان ھٿيارن سميت ٻيون ڊيلز ڪيون آھن ان ۾ اھو بھ پيغام ھيو تھ آمريڪي مفادن جي خلاف روس ۽ چين سان ڪا ڊيل ڪندئو تھ اسان مان اميد نھ رکو. آمريڪي پرڏيهي وزير 10 مئي تي پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ڀارتي پرڏيھي وزير جي شنڪر ۽ پاڪستاني آرمي چيف سان فون تي رابطو ڪيو ۽ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي. ھن کي عالمي صورتحال ۾ ڏسڻ گھرجي تھ چين پنھنجا ھٿيار ، جي ايف 17 ٿنڊر ، پي ايل ففٽين اي، جي 10 سي پاڪستان کي ڏئي ان جي سيڪيورٽي کي سگھارو ڪيوآھي.ھاڻي لڳي ٿو تھ سي آئي اي ڊونلڊ ٽرمپ تي پڌرو ڪيو آھي ته ھن خطي ۾ آمريڪي پاليسي ڪھڙي ھئڻ گھرجي. آمريڪا جو ھن وقت خطي ۾ فوڪس چين، ايران ۽ افغانستان جي مٿان آھي.ھن وقت چين جو خصوصي نمائندو ۽ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ٻئي افغانستان ۾ موجود آھن.اھي افغاني پرڏيھي وزير سان ملاقاتون ڪري رھيا آھن. ان ملاقات م ٽئي ملڪ پنھنجي وزيراعظمن جي ملاقات کي طئي ڪري رھيا آھن.